شري شاردا شرنم ستسنگ شاستر سار
اَرداس منھنجا گُرووَر
دادي ڀڳوان کي
پرم پوجيہ ستگُرو
"شري شاردا دادي ڀڳوان"
کي شَت - شَت پرنام.
اَسان سڀني ڀڳتن جو ڪوٽي ڪوٽي پرنام.
آسيس ٿا چاھيون، اَسانجا گُروُوَر، توھانجي ڪرپا درشٽيءَ سان، توھانجي ڀڳتن جيِ ھرديہ ۾ پيار جا ڀنڊارا ھميشھہ جي لاءِ ڀرپور رھن، گيان جي گنگا وھندي رھي. نشڪام ڀاونا وڌنڌي رھي، اَدويت جي اگني ڪڏھن بہ نہ وسامي سگھي. توھانجيِ سُنهري آديشن سان اَسان سڀني ڀڳتن جا رستا روشن رھن، توھانجو ھوش ۽ جوش اَسان ڪڏھن نہ وِساريون، توھانجي قُربانين جو ڪيترو قدُر ڪيون؟
لکڻ جي لاءِ قلم ۾ طاقت نہ آھي. توھانجي گرو ڀڳتيءَ کي ڪھڙي تارازيءَ ۾ ماپ-تور ڪريون؟ ايتريئي گُذارش آھي اَسانجي- اَسانجا من موهيندر گُرووَر، اَسانجا مٺا ڀڳوان، توھانجي سُک-ڏيندر آدرشن جي چُنڙي پائي ڪري اُڏامندا وڃون. توھانجي مُک مان نِڪتل آديش ”منھنجي سرشٽي سُندر ڪيو“، اِھو ڪڏھن نہ وِساريون، ” توھانجو پيار اَسانجيِ جيون جو ڪَوَچُ بڻجي وڃي.
- سَڀني ساڌنن جو موُل آھي ستگرو دُرلڀ پريم، پريم کان سواءِ سَڀ ٿوٿو ڄاڻ
- .ھِڪ بـُجي تہ پاڪ، ھڪ نہ بـُجي تہ ناپاڪ
- .ھِڪ بُوند برھم گيان جي مَست ڪري دِن رئن
- .اَھڙو ڪَٺِن وَرتُ رکون جو رکي نہ سگھي ڪوئي، ھِڪ پلُ وِساريا رام کي تہ برھم ھَتيا منھنجي ٿي
- .دُک سُک جنهن کي نہ لڳي، دُشمن۔دوستَ سمان، گرو نانڪ چوي اُھائي مُورت ڀڳوان
- .مڃيو نہ مڃيو، تون ئي آھين ڀڳوان
- .ھَل ڪبيرا اُتي، جتي اوم بہ ٿڪجي پوي
- .اوم اوم چئي اوم ئي ٿي ويو، باقي ڪوئي نہ رھيو. جيڪو ڀڳوان کي نشٺاوادي ٿي ڪري پُوڄي ٿو، اُھو ڀڳوان جو ئي روپ بڻجي وڃي ٿو
- .پھرين ٺھيو نصيب پوءِ ٺھيو سرير، تُلسي اِھو ڄاڻيندي بہ من کي اَچي نہ ڌيرج
- .سنتن جو سنگ، ستگروءَ جو سنگ مستڪ جون لڪيرون، مٽائي ڇڏيندا آھن، بدلاءِ ڇڏيندا آھن
- .پاتو جنھن اُھو مسخرو، وڃائي چوي اُھو ڪُوڙُ پر گياني آھي جيئن جو تيئن ڀرپور
- نہ پاتو، نہ وڃايو، ڀرمن جو موُل چُڪايو
- مان سرير نہ، مان برھم سوروپ آھيان
پنھنجي سڀني کان پياريِ، تاڻرھار ستگرو ”شري شاردا دادي ڀڳوان“ جي مُک مان ”اھڙيون ننڍيون ننڍيون ڳالھيون، دلپسند-ھرديہ ڪومل ڪرڻ واريون ڳالھيون ٻُڌي ڪري مان (ديما) پنھنجو مقصد پاتو. منزل ملي وئي. اُنھن منھنجي جيو ڀاو جو پردو ھٽائي ڇڏيو. مون ۾ ئي منھنجو پيارو ڀڳوان ڏيکاريو. گيان نہ جاڻا، ڌيان نہ جاڻا، سار نہ جاڻا تيري، سڀ سي وڏا ستگرو ميِرا. آتما جو نشچيہ ڪرائي پنھنجي پريم ۾، ديھہ کي وساري، پنھنجو پاڻ کي ڀُلائي پت رکيائون منھنجي. اَھڙي طرح پنھنجي گروديوَ سان ٽيويھن (٢٣) سالن جي عمر ۾ آتما جو نشچو ڇا ٿيندو آھي مان سمجھيو، اُنھن جي پرينا ھُئي تہ” آتم نشچيہ گروءَ جي نشڪام نسوارٿ پريم ۾ ئي ٿيندو آھي، پر پوءِ بہ جگياسوءَ کي ٿورو شاسترن جو گيان ھُجڻ ضروري آھي، سڄي پورنتا تڏھن اَچي سگھندي آھي“، اُنھن جي مُک مان ننڍيون- ننڍيون ڳالھيون، جيڪي سرلتا سان اُنھن ٻُڌايون - سَمجھايون - اُھي اَڄ، مان، پنھنجي ساٿين کي، پنھنجي ٻارن کي، ممتا ۽ پريم سان ھِنَ ڪتاب جي آڌار سان سمجهائڻ چاھيان ٿي ۽ پنھنجي” شري شاردا دادي ڀڳوان“ کي اَرداس ٿي ڪريان تہ ھِن مَن ۾، ھٿن ۾، ھن قلم ۾ توھان ئي وسيل رهندا صحيح رستو ڏيکاريندا رھندا. جيئن ٻارن جو نشچيہ، گرو پريم ۾ ۽ گيان ۾ سڀني پاسن کان مجبوت رھن ۽ مجبوتيءَ سان سرشٽي سُندر ڪَن. پاڻ ترپت رھن ۽ ٻين کي بہ تِرپت ڪَن ستگروءَ جو واعدو پورو ڪَن.
”آشرواد ڪيو ھي گروديو“ توھان جي سؤلن وچنن جي سھاري، توھانجي آديشن جو ڪَوچُ پائي ڪري، اَسان سنسار جي تڪليفن کي دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون. پنھنجيِ تڪليفن مان نڪري ڪري، اَسان توھانجي آتم گيان سان، توھانجي پريم روگہ سان، سڄيِ سماج جيِ تڪليفن کي دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون.”سڀني کي مِلن توھانجون رحمتون، سڀني کي مِلن توھانجون آسيسون، داتا ڪوئي اُداس نہ ٿئي.“ ھر دل شاد - آباد رھي. توھانجي سرشٽيءَ ۾ سڀ ماڻھون تڪڙا ۽ مجبوت ٿين. "مھر وسائڻ وارا، پنھنجي ممتا مئي درشٽيءَ جي مھر وَسائيندا رھو.
پنھنجي ٻارن جي مَت ۾ توھان پنھنجو واس ڏيندا، اَرداس ٿي ڪيان تہ اَسان سَڀ توھانجا ٻار، ڌرتيءَ جا گھوڙا بڻجون، آڪاش جا پکي بڻجون، وقت اَچڻ تي اَسان ڪِوِلي(چيٽي) بہ بڻجي سگھون. اَھڙي شڪتي چاھيون ٿا، ھري نام جي کنڊ ريتيءَ مان ڪِوِلي بڻجي ئي کائي سگھنداسين. جيڪو بہ ٿئي توھان اَسانجي شڪتي جڳائيندا رھندا. پريم جي ڦھاڙي کي ڪڏھن سُڪڻ نہ ڏيندا. پڪو وشواس آھي، اَسان ھر ڳالھہ کي ختم پريم سان ڪنداسين.
"سُڪا چڻا بہ چٻارينداسين، ھِڪ ئي برھم لکائينداسين."(سُکي چني بہ چبائينگي، ايڪو برھم لکائينگي.)
شُڌ چيتن شڪتي - سَتچِت آنند برهم ۾، اِڇا پيدا ٿي تہ هِڪ آھيان انيڪ ٿي وڃان. ”سُويمڀَو“ جيئن سمنڊ ڇولين سان گڏ اُڇل کائيندو آھي. باھہ تي کير اُڀامندو آهي، تيئن ئي اُھا اَلوڪِڪ شڪتي اُڀرندي اُڀرندي ڦهلجي ويئي. اُھا اَلوڪِڪ شڪتي آهي هي آهي. اُن جي نہ ڪائي شروعات آهي، نہ ڪوئي اَنت آهي. اُھا اَلوڪِڪ شڪتي پنج (۵) مها تتون سان گڏ، ڌرتي، آڪاش، جل، وايو، اَگني ۾ سمائجي وئي. اُھا اَلوڪِڪ شڪتي سرشٽي ٺھي وئي. جڏھن ڏسڻ ۾ آيو تہ اُن سُکشم سرشٽيءَ سان سنسار جو چڪر نٿو هلي سگهي، تڏهن اُن شڪتيءَ کي، مطلب پرماتما کي، اِڇا ٿي تہ اُنھن ۵ تتون، يعني ۵ مھاڀوتن کي اَڃان ڦهلائي ڪري وڌيڪ حِصن ۾ ورهايان تڏھن وِڃي سرشٽيءَ جو چڪر هلي سگھندو آھي. اَهڙي ريت ۵ تتو ٺاهي ڪري سنسار جو سُکشم ۽ اِسٿول وھنوار، يعني سرشٽيءَ جو چڪر هلايو ويو. اَهڙيءَ طرح جڳت جي اُتپتي ٿي.
-
برهما پنهنجي اَنگن سان چار وَرڻ پيدا ڪيا
-
پنهنجي اَنگن سان سَپت رشي پيدا ڪيا جيڪي اِنسان جاتيءَ کي مارگ ڏيکاريندا
-
هِڪ استري، هِڪُ پُرش ٺاهيو ۽ چيو هاڻي جنم ”سُويم - ڀُوَ“ نہ ٿيندو
-
”جنم“ ”جنم“ ڏيندو
-
اَهڙيءَ طرح سرشٽي رچندر برهما آهي
- ويد سنسڪرت اَکر ”وِڌم“ مان ٺهيو آهي
- وِد ڌاتوءَ جو مطلب آھي، ڄاڻڻ
- ڄاڻڻ جو مطلب آهي ”گيان“
- ويد جو مطلب آهي ”گيان“
- شِرُتي سنسڪرت اَکر ”شِر - ڌاتو“ مان ٺهيو آهي.
- شِر - ڌاتو جو مطلب آھي ”شِرُتي“.
- ”شِر“ مطلب، ٻُڌڻ.
- ”شِرُتي“ مطلب رِشين ويد ٻُڌا ۽ پرماتما پنهنجي دِويہ مُک سان پرگهٽ ڪيا.
- چئن ويدن ۾ ۱۰۸ خاص منتر آھن، منترن جو پرم مقصد، اِنسان کي پوترتا مطلب تہ ”گيان“ ڏيڻ آھي. پرڪرتيءَ جي هر هڪ شيءَ، اُنھن جو چنتن، مَنن، ۽ اَڀياس جو سَبب بڻجي سگهي. اِن ڪري اُهو ديوپرارٿنا سان گڏ، فائدي جي نظر سان وهنوار لائق آهي. ديوپرارٿنا سان اِنهن جو لاڀ وٺي سگھندا آھيون.
ويدن جي هِن ۱۰۸ مُکيہ سُڪتين کي هِڪ داڳي ۾ پوئڻ سان سُڪتي مالا ٺھي ويندي آھي. جيڪا اَسانجي ڌرم - شاستر ۾ سَڀ ڪاريہ سِد ڪرڻ جي لاءِ ويدا - اَمرت آهي. جيڪڏھن توھان وهنوارڪ روپ سان جپِيندا، اَڀياس، چِنتن، مَنن ڪندا تہ پَڪ ھي توھان جي اُنتيءَ جو رستو پرگهٽ ٿيندو سنسار جو ڪلياڻ ٿئي. هر هِڪُ پراڻي اُنتي ڪري، هر هِڪُ گهر خوشحال رھي.
”آهي هي ڀڳوان“
رگ ويد:- ( سڀني کان پُراڻو ويد آهي )
١.رگ ويد ديوتائن جي پرارٿنا آهي.( ۱۰۸ منتر)
سنسار جي هر شيءِ جو، ديوتائن جي پرارٿنا سان فائدو وٺي سگهندا آھيون. پَرَ پرارٿنا اِڇا کان سواءِ، نشڪام، رضا تي راضي رهڻ واري هُئڻ گهرجي.
۲. يجُر ويد:- ۱۰۸ مُکيہ مَنتر. هِن ۾ يَگين جو مهتو آهي. هِن ويد ۾ سرير جي لاءِ، من جي لاءِ، پنھنجي ۽ سماج جي، اُنتيءَ جي لاءِ يجُرِ ويد يگيہ ٿيندا آھن.
۳. سام ويد:- ١٠٨ اُستَتي منتر. ديوتائن جي اُستَتي، منترن جي ڳائڻ سان ٿيندي آھي. اَشانت ۽ ڀِٽڪيل مَن کي شانتي ملندي آھي.
۴. اَٿرِوَ ويد:- آڌياتمڪ، ۽ سنسارڪ گيان.
۱۰۸ منتر.
شاسترن جي انوسار ”سرير“ کي ”پِرڪرتي“ ۽ ”آتما“ کي ”پُرش“ وانگر مڃيو ويو آھي.
. جيئن پِرڪرتي چوويھن (۲۴) تتون سان جُڙيل آھي، تيئن ھِن سرير روپي پرڪرتيءَ جا بہ چوويھہ (۲۴) تتو آهن.
پنج (۵) مها ڀُوت ( ۵ تتو ):
ڌرتي، آڪاش، جل، وايو، اَگني.
پنج (۵) وِشيہ ( پِراڻ ):
روپ، رسُ، گنڌ، شبد، سِپرش
پنج (۵) گيان اِنڌريون :
اَکہ، ڪَنَ، نَڪ، چَمڙي، ڄڀَ.
پنج (۵) ڪرم اِنڌريون :
مُکہ، ھٿَ، پير، گُدا، لِنگہ
چار (۴) انته: ڪرڻ :
من، ٻُڌي، چِت، اَھنڪار
” اِھي ٿيا سرير جا چوويھہ(٢۴) تتو “
(۱) اِسٿول سرير (۲) سُکشم سرير (۳) ڪارڻ سرير
" اِسٿول سرير جو ورنن"
. اِسٿول سرير چوويهن (٢۴) تتون مان ٺهيل آهي.
هڪَ - هڪَ تتو کي پنج - پنج شيون مليون آهن.
. آڪاش تتو:- ڪام، ڪِڙود، لوڀ، موهہ، اَهنڪار.
. ھوا جا تتو:- ڊُڪڻ، ٽپاڏيڻ، هَلڻ، وِيھڻ، ڦِرڻُ
. اَگني تتو:- بُک، پياس، ننڊ، آلسيہ، شَڪل(روپ).
. جل تتو:- خون، ويريہ، ڪَف، مُتر، پسينو.
. ڌرتي تتو:- هڏيون، ماس، چمڙي، نسون.
ھِنن چوويھن تتون سان جيڪو سرير ٺهيل آهي. اُن کي اِسٿول سرير چوندا آھن.
اِسٿول سرير سان ماڻهون ٻاھر جو رسُ، ٻاهريُن اِنڌريُن سان وٺھندو آهي، ڪنھن سان بہ مِلڻ، کِلڻ، ڀوڳڻ، سُندر روپ ۾ ڦاسڻ
"گيان" سان اِسٿول سرير جو اَهنڪار هلي ويندو آهي.
-
سُکشم سرير سترهن (١٧) شين مان ٺهيل آهي.
-
پنج گيان اِنڌريون:- اَکيون، ڪَن، نَڪ، ڄڀَ چمڙي.
-
پنج ڪرم اِنڌريون:- هٿَ، پير، مُک، گُدا، لِنگ.
-
پنج پِراڻ:- پِراڻ، اَپان، وِيان، اُدان، سمان.
-
ٻَہ اَنته ڪَرڻ:- من، ٻُڌي.
سُکشم سرير ۾ لِڪلَ اِڇائون هونديون آهن.
ٻَہ اَنته ڪَرڻ:- من، ٻُڌي.
جيئن تہ زبان جو رسُ، من ۾ راگ دُويش پيو هوندو آهي. اِسٿول سان تياڳي بہ ڇڏيندا، پر سُکشم ۾ واسنا ھوندي ئي آھي، ستگروءَ جا دڙڪا، اُنهن جو غصو، من کي مارڻ سان، سُکشم ديھہ جو ناس، ستسنگَ سان ئي ٿيندو آهي، ٻيو ڪوئي رستو ئي ڪانهي.
-
ڪارڻ سرير صرف اَگيان روپ ئي آهي.
-
نشچيہ ڪرڻ کان پوءِ بہ، وقت اَچڻ تي ديهہ جو اَحساس ٿيندو آهي. گھڻن ئي ڳالهين ۾ جگياسو پنهنجي اِسٿتيءَ مان ڪِرندو آهي. ڀاري ٿي ويندو آهي، وکيپ ۾ ايندو آهي. ڇو تہ ڪارڻ سرير ۾، اَگيان ڦاٿل آهي. برهم ساڪشاتڪار ستگروءَ سان ٿيندو آهي. ڪارڻ سرير ختم ٿيندو آهي. پوءِ پورو آنند پراپت ٿيندو آهي.
(١) جاگرت (٢) سوپِنَ (٣) سُشوپت (۴) تُرِيا
جاگرت
-
جاگرت:- سرير جاگرت اَوَسٿا ۾ آهي. سرير سان گڏ من بہ آهي. من اَگيان جي ننڊ ۾ سُميل آهي. اُن کي دُک-سُک، فائدو-نقصان اَگيان جي ننڊ ۾ هر شيءِ، هر ڳالهہ چُبندي رھندي آهي. ڪُجھہ تہ گھٽ آهي جي کوٽ (ڪاٽان) دل ۾ ھوندي آھي. برهم گياني گُرو ملي تہ، اَگيان جي ننڊ ٽُٽي. مان اَجر اَمر آھيان جو نشچيہ ستگُرُو ڪرائي تہ جاگرت اَوَسٿا ۾ جگياسو اَچي ويندو.
سوپِنَ:- سپنا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن.
-
هڪ سپنو تون ننڊ ڪندو آهين. ننڊ ۾ نظارا ڏسندو رهندو آهين، اَگيان جي ننڊ سمهندو آهين، تہ سنسار کي سچُ مڃيندو آهين. دُک سُک جي چڪر ۾ پيسجندو رھندو آهين.
-
هِڪڙا بند اَکين سان ننڊ ۾ سپنا ۽ هِڪڙا کُليل اَکين سان جاڳندي سپنا ڏسڻ.
سُشوپت
-
سُشوپت:- گهِڙي ننڊ مطلب اَهڙي گهِڙي ننڊ آئي آهي، جڳت جي مئل ڏسڻ ۾ نہ ٿي اَچي.
تُرِيا
-
تُرِيا:- مطلب گيان. پنهنجو نشچيہ تہ تون ديهہ نہ آهين، برهم سوروپ آھين. من ٿر، ھڪَچِت آهي، ٻُڌي سنسار جي ڪيچر کان پري آهي. آتم رسَ ۾ ٻُڏل آهي، گروءَ جي اَنگ سَنگ آهي. اِهو ئي تُريا پد ۾ آهي. اِهو سَڀني کان اُچو پد آهي. جاڳرت، سوپِن، سُشوپٽ، اَوَسٿائون اِنسانن سان لڳنديون آھن، تُرِيا صرف گياني پُرش جي آهي. اِن مان ثابت ٿيو تہ صرف گياني پُرش سُجاڳہ آھي ۽ باقي سڀ اِنسان ننڊ ۾ آھن.
-
ڪنھن شَيءَ، ڪنھن پدارٿ، ڪنھن خيال، ڪنھن حالت يا ماڻھون يا پنهنجي اُصولن ۾ اَٽڪڻ ئي مايا آهي. من ۾ ڪوئي خيال، اِڇا اَٽڪي وئي تہ من جي مايا ٺھي وئي. جيڪو من ڪنھن اَهنڪار يا ڪرم ۾ اَٽڪي پيو تہ ٻاهر جي مايا ٺھي وئي. اَٽڪڻ ئي مايا جو روپ آهي. اَگر منُ ڀڳوان ۾ اَٽڪي ويو، لڳي ويو تہ اُها بہ ستوگُڻ مان آيل مٺي مايا آهي، جيڪا هَري، ڀڳوان سان ملائيندي آهي. مايا منهنجيِ هرِيءَ جي، هِڪَ سنسار ۾ وٺي ويندي آهي، هِڪَ ڀڳوان جي طرف.
-
پرڪرتي هُجي يا ماڻھونءَ جو سرير، جر هُجي يا چيتن، ٽي گُڻ سڀني سان لاڳوُ ٿيندا آهن.
(۱) سَتو گُڻ (۲) رجو گُڻ (۳) تمو گُڻ
(۱)سَتو گُڻ :- سَتو گُڻي سنتوش ۾ رهندو آهي، رضا ۾ راضي رهڻ، ڌيرج ۾ رهڻ، اُن جو سڀاءُ هوندو آهي. سڄي پرڪرتي بہ ٿورو ٽائيم سَتو گُڻ ۾ محسوس ٿيندي آهي. سڄو شانت واتاورڻ محسوس ٿيندو آهي.
(۲) رَجو گُڻ :- رَجو گُڻي سڄو ٽائيم ڦٿ-ڦٿ ۾ رهندو آهي. من ۾ ڇينا جپٽي (کسڻ جي ڀاونا)، سرير جي هلچل، ٿورو ٽائيم پرڪرتي بہ رَجو گُڻ ۾ محسوس ٿيندي آهي.
(۳) تمو گُڻ :- تمو گُڻي سُست ٿي ڪري ويٺو هوندو آهي. پنهنجي سُکَ ۽ سوارٿ ٻُڌي ۾ رهندو آهي. ٿورو ٽائيم پرڪرتي بہ تمو گُڻ ۾ محسوس ٿيندي آهي. اَسُر (پرڀات)، صبح، ستوگُڻ، ڏينھن شروع ٿيو تہ رَجو گُڻ ۽ رات آئي تہ تمو گُڻ پِرڪرتي ۾ هوندو آهي. گُڻ-گُڻ ۾ ورتن ڪندا آهن، پرڪرتي ۽ ديهہ جو چَڪَر هلندو آھي.
-
پرڪرتي ۽ پُرش کي ڄاڻڻ، پرڪرتيءَ جي رچنا کي سمجهڻ، منُشيہ جي سرير ۾ دُک - سُک، مان - اَپمان، فائدو - نقصان، ويجھو - پريان (پري)، مِلڻ - وِڇڙڻ سڀني ڀرمن کان مٿي ٿي ڪري، آتما جو ديدار ٿيو، نشچيہ ٿيو تہ "مان سرير نہ آهيان مان تہ برهم سوروپَ آهيان". سڄو سنسار ڪلپنا ماتر آهي، سَچ ڪونھي، سَچ هڪُ برهم آهي. پرڪرتي سڄي بدلجندر آهي. ڪَڻ ڪَڻ ۾ ڀڳوان آهي، پتئيءَ - پتئيءَ ۾ اُن ڀڳوان جي جهَلڪَ آهي.
برهم گيان سچيِ، نشڪامي ستگروءَ کان سواءِ نٿو ملي سگهي. سچي ستگُروءَ کي شڪتي آهي، اُهي پنهنجي ڀڳتن کي واڻي ٻُڌائي، سنڪلپ سان ۽ سِپرش سان سنسار ساگر مان پار لڳائيندا آھن.
(۱) گهٽ آڪاش (۲)مَٺ آڪاش (٣)مها آڪاش.
۱. گهٽ آڪاش:- مٽڪي جو خال، تنهنجي سرير سان جُڙيل خيال، گهٽ آڪاش، مٽڪي جيتري حد رکندا آهن، خيال سٺو بہ آهيو پر عمل ۾ نٿو اَچي، اَندر جي ڳالھہ اَندرُ. تون حدُن ۾ ٻَڌل آهين، حدُن ۾ رهندو آھين.
۲. مَٺ آڪاش:- مَٺ آڪاش ڪمري جو آڪاش، ڪمري جو خال، گهٽ آڪاش کان وڏو مَٺ آڪاش. مٽڪي جي خال ۾ ءِ تنهنجي ڪمري جي خال ۾ جيترو فرق آهي، اوتري تنهنجي خيالن ۾ ٿوري اُچائي آهي، پر سيمائون ءِ حدون اُهي ئي آھن. تنهُنجي خيالن ۾ پوري وشالتا ڪانهي، پر ٿوري ٿوري اُچائي ضرور آهي.
۳. مھا آڪاش:- جيڪو هر جڳھہ آڪاش آهي ءِ ڌرتي آسمان جي وچ ۾ جيڪو خال آهي. سَڀ حدون ٽُٽل آهن. ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪهڙي حد آهي؟ تنهنجا خيال بہ حدُن، اُصولن، دَستوُرن، کي ڇڏي آڪاش-وت (جيترا) ھوندا آھن. پَنکہ لڳي ويندا آھن، هلڪا ٿي ويندا آھيون ءِ عمل ۾ ايندا آھن، قدرت ساٿ ڏيندي آهي.
"چار کاڻ"
.(ا) اَنڊج (۲) جِرج (۳) سِتَج (۴) اُتڀُج
١. اَنڊج:- اَنڊي جي پيدائش، جيئن پکين جا ٻار، ڪُڪُڙيءَ جا ٻار.
۲. جِرج:- جيئن گرڀدانيءَ جي پيدائش، جيئن اِنسان جا ٻار، گانءِ، ٻڪري، شينهن جا ٻار. جيڪي گَرڀ مان پيدا ٿيندا آھن، اُهي سَڀ جِرَج جي پيدائش آھن.
۳. سِتَج ”سوتج“:- پسيني جي پيدائش جيئن جُوءُ ءِ کٽمل، جيت، ماڪوڙا وغيرھہ.
۴. اُتڀُج:- زمين جي پيدائش جيئن وڻ، ٽِڻ ءِ ڌاتو.
"چار کاڻ ۾ برهم ٿا، ڪھين نہ پايا ٺؤئر.
سو ڦيڙا ڪٽ گيا ستگرو ڪييان اُپڪار."
(چار کاڻ جو مطلب آھي چئن قسمن جي پيدائش جيڪا مٿي ورنن ڪيل آھي، چئني کاڻن ۾ برھم آھن، پر ڪنھن بہ پيدائش ۾ مُڪتي نٿي ملي، جڏھن ستگروءَ جي وچنن روپي اُپڪار ملي وڃي ٿو تہ مُڪتي ملي وڃي ٿي.
(۱) آدياتمڪ دکہ (۲) آديڀُوتڪ دکہ (۳) آديديوڪ دکہ
۱. آدياتمڪ دُکہ:- اِھي پنھنجي من جا دُکہ آھن. جيئن چنتا، شوڪ، موهہ، دُويت، دُویش جو سنڪلپ، وِڪلپ ٿيندا رهندا آهن. اِنسان پاڻ کي جيوُ سمجهي ٿو، سَڀ کان وڏو دُکہ اِهو آهي. ستگروءَ سان، برهم گيان نشچيہ ڪري دُکَہ دور ٿي ويندا آھن.
۲. آديڀُوتڪ دُکہ:- اِھي دُکہَ ٻاهر کان جيئن تہ نانگ، وِڇون، شينهن وغيرهہ يا ڪنهن بہ ڀُوت پراڻيءَ مان ايندا آھن.
۳. آديديوِڪ دُکہ:- اِھي دُکہَ برسات مان، پاڻيءَ مان، اُسَ مان، ديوتائن مان اَچن ٿا. ڇاڪاڻ تہ رضا ۾ راضي نہ رهندا آھيون ءِ دُکي سُکي ٿيندا رهندا آهيون. ڇو ڇو جو ڪيڙو اَندر چُبندو رهندو آهي. لکن دُکن جي هڪَ ئي دوا آهي، "برهم گيان".
(۱) اَنميہ ڪوش ( ۲) مَنميہ ڪوش (۳) پراڻميہ ڪوش (۴) وگيانميہ ڪوش (۵) آنندميہ ڪوش
(١) اَنميہ ڪوش:- ماتا ۽ پتا جي وِيريہ ۽ رت جي ذريعي، اُن روپَ، سرير جي اُتپتي ۽ اُنجي رستي اُنجي پالنا، پوءِ اُن روپ جي ڌرتيءَ ۾ ولينتا، اَهڙو جو اِسٿُول سرير آهي، اُنکي اَنميہ ڪوش چوندا آھيون. اَنميہ ڪوش دُک، سُک ۽ وشيہ ڀوڳ جو گهر آهي ۽ جنم مرڻ جو پاتر آهي. اَنميہ ڪوش کان مٿي ٿيو، نشچَيہ ڪيو تہ سرير کان پهرين بہ مان هُيس، اُنجي هوندي بہ مان آهيان، سرير جي وڃڻ کانپوءِ بہ مان رھندس. مان اَنميہ ڪوش نَہ آهيان. مان اَنميہ ڪوش کان نيارو آهيان.
(۲) مَنميہ ڪوش:- مَن ۽ پنجن (۵) گيان اِنڌرين جي ملڻ کي مَنميہ ڪوش چوندا آهيون. ديھہ ۾ رھي ڪري، ديھہ جي اَهنڪار، ٻين پدارٿن ۾ ممتا. مطلب مان، مُنهنجو ڪرڻ وارو، اِنڌرين کي وشين جي طرف پرينا ڏيڻ وارو سنڪلپ ۽ وڪلپ، مطلب سٺن ۽ خراب خيالن جي روپ کي من چئبو آهي. اِڇا (ڪام)، غُصي جهڙا وڪار من جي اَندر هوندا آهن. جڏھن تون پاڻ کي ديھہ مڃي ٿو تہ من وڪاري آهي، پر مان نِروِڪاري آهيان. من سنڪلپ وڪلپ ڪندو آهي، پر مان نِروِڪاري آهيان، نِر وڪلپ آهيان، اِنڪري مان منميہ ڪوش نہ آهيان. مان منميہ ڪوش کان نيارو آهيان.
(٣) پراڻميہ ڪوش:- پنج ڪرم اِنڌريون ۽ پنج پراڻ ملائي ڪري پراڻميہ ڪوش چوندا آهن.
پنج ڪرم اِنڌريون:- مُک(مُنهہ)، هٿ، پير، لِنگ، گُدا.
۱. پراڻ:- ساھہ جو اَچڻ ۽ وڃڻ اِنجو ڪرم آهي، ھرديہ اِنجو اِسٿان آهي.
۲.اَپان:- مَل- مُتر جو تياڳ ڪرڻ اِنجو ڪرم آهي ۽ گُدا اِنجو اِسٿان آهي.
۳. اُدان:- سپنو ڏسڻ، ھڏڪي ٿيڻ اِنجو ڪرم آهي ۽ ڪنٺ اِنجو اِسٿان آهي.
۴.سمان:- کاڌو - پيتو ( کائڻ - پيئڻ) اَنُ - جل کي پچائڻ ۽ الڳ الڳ نسُن ۽ ناڙُين ۾ پهُچائڻ اِنجو ڪرم آهي ۽ ڌُن (ناڀي) اِنجو اِسٿان آهي.
۵.ويان:- سڀني اَنگن جو سنچار (سپندن) ڪرڻ اِنجو ڪرم آهي ۽ سڀ اَنگ اِنجو اِسٿان.
(۴) وگيان ڪوش:- سچ، ڪُڙ جي سڃاڻپ، سڄو وِويڪ جاڳرت ٿيندو آهي، وئراڳہ اَچي ويندو آهي. ويچار پَڪا ٿي ويندا آهن. گيان سان گڏ وگِيان هوندو آهي. سنسار کي ڄاڻڻ بہ ٿي ويندو آهي. هر طرف توهانجو ڌيان رهندو آهي. توهان جو چئني طرفن کان وڪاس (All round) ٿي ويندو.
(۵) آنندميہ ڪوش:- جڏھن گيان - اَگِيان ختم ٿيندو آهي جيئن ڪَنڊي سان ڪَنڊو ڪڍي ٻئي ڪَنڊا ڦِٽي ڪياسين، تہ اَندر آنند ئي آنند هوندو. اَهڙن سَت ويچارن ۾ رهندي رهندي اَنوکي شانتي محسوس ٿيندي آهي. اُنکي آنندميہ ڪوش چوندا آهيون.
آتما پنجن ڪوشن کان نياري آهي، برهم گيان سان سُجاڳي اَچي ويندي آهي. تہ پر ﺍُﺗﻲ ڪوئي ويچار نہ رهندو. بس اَنوکي شانتي ئي شانتي. ايڪاگرتا - اِسٿرتا رهندي آهي.
(۱) مل (۲) وشیپ (۳) آورڻُ
۱. مل:- من تي جنمن کان ديھہ اَڌياس جي مل چڙهندي رهندي آهي. جيئن ڪنهن ۾ ڪَٽِ (zink) لڳي ويندي آهي. اَھڙن ماڻھن کي وشيہ ڀوڳ جي رس جي مئل چڙھي ويندي آھي، اِھا من جي مئل برهم گيان سان، برهم گياني - نسوارٿي گُروءَ جي وچنن سان لهندي آهي."شري شاردا شرنم ستسنگ" اُن مئل کي لاھڻ جو سٺو ۽ تڪڙو علاج آهي.
۲.وشيپ:- مل، آورڻُ، گيان سان هلي ويندا آهن، پر سرير جي نصيب جي ڪارڻ جگياسوءَ کي بہ وشيپ رهندو آهي، پنهنجي آتما جي نشچيہ سان نصيب ۾ وشواس ٿيڻ لڳندو آهي، تہ وشيپ بہ ختم ٿيندو ويندو آهي. جيستائين اَدويت آتما جو گيان پڪو نہ ڪيوسين، تيستائين وشيپ نہ ويندو آهي. اَننيہ ڀڳتي ساڌن آهي تہ ھر ھڪَ شيءَ ڀڳوان آھي، ھرھنڌ ڀڳوان آھي. (Everything is God Everywhere is God)
۳.آورڻُ:- جڏھن اَگِيان جو پردو اَچي ويندو آهي تہ آتما ساڪشاتڪار نہ ٿيندي آهي. اِهو پردو برھمگياني، نشڪامي، نسوارٿِي ستگروءَ سان، اُنهنجي وچنن سان دور ٿيندو آهي، ستگروءَ جي نوراني درشٽي ئي اِن اَگِيان جي پردي کي هٽائي سگھندي آهي."شري شاردا شرنمَ ستسنگ" ۾ هر وقت آتما جو ديدار ٿيندو آهي.
(١) سم، دم، تِتِيڪشا (٢) اُپرامتا (۳) وئراگيہ (۴) موڪش اِڇا
(۱)۱. سم:- من کي وري وري ٻاهِران جي وشين کان روڪڻ.
۲. دم:- پنهنجي اِنڌرين کي زبردستي روڪڻ، هٺ يوگہ ڪرڻ.
۳. تِتِيڪشا:- سرير جا دک-سُک، ٿد-گرمي، مان-اَپمان شانتيءَ سان سهن ڪرڻ.
(۲) اُپرامتا:- سڄي دنيا مان کٽائي، وئراگيہ، اَڪيلائپ پسند ڪرڻ، اَڪيلي يا جهميلي ۾ ڀڳوان ڏسڻ.
(۳) وئراگيہ:- جيڪو جگياسُو گيان جو اَڀِلاشي آهي اُنجي اَندر تيِوَر وئراگيہ هُئڻ گھرجي. وئراگيہ کان سواءِ گيان سِد نہ ٿيندو. وئراگيہ سچي برهم گياني گُروءَ جي مُک مان واڻي ٻُڌڻ سان ٿي ويندو آهي.
(۴) موڪش اِڇا:- تيِوَر اِڇا هُجي تہ اَڄ ئي مُڪت ٿي وڃان، منُشيہ جنم اَجايو نہ وڃي، جنم سڦل ڪريان.
(۱) مئترﻱ (۲) ڪرُوڻا (۳) مُدتا (۴) اُپيڪشا
(۱) مئترﻱ:- سچو ڀڳت پوُرو ڀرپور ٿيڻ کان پوءِ بہ سچي گُروءَ سان مئترﻱ ڀاو رکندو آهي. جيئن دوستيءَ ۾ ڀڳت کي گيان ڏکيو نہ لڳي. دوستيءَ ۾ ڀڳت من کي سڄو خالي ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ گرو گيان ڏيندو آهي. سچو ستگرو بہ جڏنهن پنهنجي گروپڻي جو اَھم ڇڏي ڀڳت سان گڏ هڪُ ٿي دوست بڻجي ويندو آهي تڏهن ڀڳت سرلتا سان گيان ۾ ٿِر ٿي ڪري خالي خالي ٿي ويندو آهي ۽ جيئري ئي موڪش پائي ڪري نشڪام جيون بڻائيندو آھي. نسوارٿي ٿي ڪري سرشٽي سُندر ڪري سگهندو آھي، ٻين سان مئترﻱ ڀاو رکندو آھي، جيئن سنسار ۾ ڪنهن کي بہ گيان ڏکيو نہ لڳي. مئتري ڀاو ۾ سڀني کي پريم ملندو آهي.
”شري شاردا شرنم ستسنگ“ مِترتا سيکاريندو آهي. نفرت دور ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
(۲) ڪرُوڻا:- ستگروءَ کي ڪرُوڻا ٿيندي آهي. پنهنجو سُک وڃائي ڪري ڀڳت کي بہ ڪرُوڻا جو وردان ڏيندا آهن. جئين ڀڳت جي سَنگ سان بہ ڪوئي خالي نہ وڃي.
(۳) مُدتا:- سنسار ۾ يا ستسنگ ۾ ٻين کي اَڳيان وڌنڌو ڏسي خوش ٿيڻ مُدتا آهي. سچو گرو پنهنجي ڀڳت کي بہ پاڻ کان مٿي ڏسڻ چاهيندو آهي. اِها ئي اُنهن جي مُدتا آهي، تہ ڀڳت بہ پنهنجي گرو ڀائيءَ کي مٿي چڙهندو ڏسي سار، وير، حَسد نہ ڪندو، خوش ٿيندو، اِها ئي ھُن جي بہ مُدتا آهي.
(۴)اُپيڪشا:- وئراگيہ ۾ ايترا رسدار بڻجي وينداسين، گروءَ سان ملڻ کان سواءِ رھي نہ سگھنداسين. سڄي دُنيا کٽي لڳندي، ايترو پيار سچ سان ٿي ويندو. ”منُشيہ ڪي ٽيِڪ وِرٿا سڀ جان، دِيوَنَ ڪو ايڪ ھي ڀڳوان.“
(۱) روپ (۲) رَسُ (۳) گَنڌ (۴) شَبد (۵) سِپرش
(۱) روپ:- روپ اَگني تَتو آهي. هِن تتو جُون گيان اِنڌريون اَکيون آهن ۽ ڪرم اِنڌريون پير آهن. اِنجو ڪم هلڻ آهي. اِنجو ديوتا سورج ديوتا آهي.
(۲) رَسُ:- رَسُ جل تَتو آهي. ھِن تتو جي گيان اِنڌري ڄڀَ آهي ۽ ڪرم اِنڌري لِنگ آهي. اِنجو ڪم آهي ڀوڳ ڪرڻ. اِنجو ديوتا آهي وَرُوڻ ديوتا.
(۳) گنڌ:- گنڌ ھوا جو تَتو آهي. اِنجي گيان اِنڌري نَڪ آهي; ڪرم اِنڌريون هَٿ آهن. اِنجو ڪم ڏيڻ وٺڻ آهي. اِنجو ديوتا اِندر ديوتا آهي.
(۴) شبد:- شبد آڪاش تَتو آهي. اِنجُون گيان اِنڌريون ڪَنَ آهن. اِنجي ڪرم اِنڌري مُک آهي، اِنجو ڪم آهي ڳالهائڻ. اِنجو ديوتا رنگپال آهي.
(۵) سِپرش:- سِپرش ڌرتي تَتو آهي. اِنجي گيان اِنڌري چمڙي آهي. ڪرم اِنڌري گُدا آهي، اِنجو ڪم آهي ڪچرو ڪڍڻ. اِنجو ديوتا آهي جَم.
(۱) من (۲) ٻُڌي (۳) چِت (۴) اَهنڪار
۱ من:- اِنجو ڪم آهي سنڪلپ وڪلپ ڪرڻ، اِنجو ديوتا آهي آدي ديوڪ چندرما.
۲ ٻُڌي:- اِنجو ڪم آهي نشچو ڪرڻ، اِنجو ديوتا آھي آدي ديوڪ برهم ديو.
۳ چت:- اِنجو ڪم آهي چنتن ڪرڻ، اِنجو ديوتا آھي آدي ديوڪ وِشنو.
۴ اَهنڪار:- اِنجو ڪم آهي مان-اَپمان محسوس ڪرڻ، اِنجو ديوتا آھي آدي ديوڪ روُدر (شِو).
۱. شَروڻ (ٻُڌڻ):- ڀڳت، ڀڳوان جو گيان ستگروءَ کان ٻُڌندو آھي.
۲. ڪيِرتن:- ڀڳت پنهنجي گروءَ جي لاءِ پاڻ ڀڄن ڳائيندو آهي، ڀڳوان کي ريجائيندو آهي.
۳. چرڻن جي شيوا:- گروءَ جي چرڻن جي شيوا ۽ آتما جو نشچو ڪندو آھي.
۴. سِمرن:- اَندر ۾ گيان جا ويچار هلندا رهندا آهن. ستگروءَ جو عڪسُ (شَوي) هر وقت اَندر ۾ سمايل (ڇايل) ھوندو آهي.
۵. ارچنا:- ڪنهن بہ منتر سان ڀڳوان جي ڀڳتي ڪرڻ جيئن ”شري شاردا شرنم ستسنگ“ ۾ دادي ڀڳوان جي مُک مان نِڪتل پوِتر منتر آهي.
۱ مان آهيان آنند جو سوروپ.
۲ مان آهيان سُکہ سوروپ.
۳ مان آهيان شانت سوروپ.
۴ مان آهيان جوتي سوروپ.
۵ مان آهيان برھم سوروپ.
۶ مان آهيان سَتيہ سوروپ.
۷ مان اَوِيناشي آهيان.
۸ مان نِروِڪاري آهيان.
۹ مان اَجر آهيان.
۱۰ مان اَمر آهيان.
۱۱ منهنجو ڪڏهن نہ ٿيندو ناس.
۱۲ مان سدا سد جاڳرت آهيان.
۶. وَندنا:- ڀڳوان جي مھيما ڪرڻ، شُڪرانا مڃڻ، ڀڳوان ۽ ڀڳوان جي پريمين جي نشڪام ڀاو سان سيوا ڪرڻ.
۷. آتما جي نشچيہ ۾ رَھڻ.
۸. مئترﻱ ڀاو:- ڀڳوان سان، ستگروءَ سان مِترتا جو پريم ھوندو آهي.
۹ آتم سَمرپڻ:- پيارن کان پياري شيءَ بہ اَرپڻ ٿي تہ بہ من کي ٿِر رکڻ.
(۱) سام (۲) دام (۳) ڍنڍ (۴) ڀيد
جڏهن جگياسُو گيان ۾ اَڳتي وڌنڌو آهي تہ اُنکي چئن ھٿيارن جي ضرورت پوندي آهي. جنهن سان هوُ پنھنجي مايا کان مٿي اُٿي سگهي.
(۱) سام:- وقت ڏسي ڪري ڪنهن سان ڳالهائڻ نہ تہ ڌيرج ڪرڻ، ڍِلو ڇڏي ڏيڻ کپي.
(۲) دام:- ڪٿي ڪنهن شيءِ جي قيمت چُڪائڻي پوي، ڪٿي ڪنهن غلطيءَ جي ڀرپائي ڪرڻي پوي تہ لالچ ڇڏي قيمت ڏيڻ گھرجي. اِها قيمت چاھي ڌَن جي هُجي يا خيالن جي.
(۳) ڍنڍ:- ڪٿي تون شانت بہ رهي سگهين، ڪٿي ڀڳوان ڏسي ڪري ڌيرج رکين، وقت ڏسي ڪجهہ تکو بہ ڳالهائي سگھين پر ڦل جي اِڇا نہ رکين.
(۴) ڀيد:- سامهون واري جو ڀيد سمجهو تہ هي ڇا ۾ خوش ٿيندو آهي ۽ اُن کي خوش ڪري رستو ڪڍو، گُرو بہ سامهون واري جو ڀيد سمجھي ڪري گيان ڏيندو آهي.
(۱) يم يوگ:- هن ۾ سچ، سرلتا، برهمچريہ، اپريگرهہ، اَهنسا.
١. سچ:- سچ هڪ ئي آهي تہ تون برهم سوَروپ آهين، تون هي سرير نہ آهين. اَندر جو سچ، جيون جي حقيقت واري سچ کي سمجھندئين تہ مُک مان بہ سچ ئي چوندئين نہ تہ تہ تون ڪَنن سان ڪُوڙ ٻُڌي، اَکين سان ڪُوڙا اِشارا ڪندو رهندو آهين اِنڪري من تي بہ لڪيرون پئجنديون آهن. توهان پاڻ سچ کي پڪڙيو ۽ سنسار ۾ بہ سڀني کي سچ پڪڙايو اِهوئي سچ "شري شاردا شرنم ستسنگ" ۾ سچ پڪڙائيندا آهن ۽ سچ ۾ ٽڪائيندا بہ آهن.
۲. سرلتا:- سچ کي پڪڙيوسين تہ سرلتا اچي ئي ويندي آهي. اَندر ٻاهر هڪُ هوشياري، چتُرائي، چالاڪي نہ. تُنهنجو ڌيان پنھنجي من جي صفائيءَ تي ئي لڳل ھوندو آھي.
۳. برهمچريہ:- پنهنجي کوج ڪريو، مان ڪير آهيان؟ ڇا آهيان؟ مان برهم سوروپَ آهيان تہ سَڀني اِنڌرين تي تُنهنجو وسُ ٿي ويندو آهي. اِنڌريون وسَ ۾ هونديون آهن تہ برهمچريہ پورو ٿي ويندو آهي.
۴. اهنسا:- من، وچن، ڪرم سان ڪنهن کي بہ دکي نہ ڪريون.
۵. اپريگرهہ:- ڌنُ، يا ٻين پدارٿن ۾ آسڪت - ڀاونا رکڻ، اَڃا کپي، وڌيڪ کپي جي بيماريءَ کان پري ٿيڻ.
(۲) يوگ نيم:- هن ۾ سنتوش، تتيڪشا، سُوادييہ، پراڻ ڌن، سمرپڻ.
يوگ نيم ۾ صفائي، اندر - ٻاهر جي شُڌي، اَسُر (پرڀات) ويلي اُٿڻ ۽ يوگ اَڀياس ۽ پراڻايام ڪرڻ، ستگروءَ جو ڌيان ڪرڻ تہ توهان ڇا نہ ڏنو آهي، شُڪرانا مڃڻُ.
۱. سنتوش:- هر ڳالهہ ۾ واهہ واهہ نڪري.
۲. تتيڪشا:- دک - سُک، گرمي - سردي، مان - اَپمان، فائدو - نقصان، غريبي - شاهوڪاري، ملڻ - وڇڙڻ، اِنهن سڀني ڀرمن کان پري رهڻ، سم ڀاوَ ۾ رهڻ ئي تتيڪشا آهي.
٣. سُوادييہ:- پنهنجو پاڻ کي سُڃاڻڻ نِر آڌار ٿي رهڻ. پرالبد جا ماڻھون آڌار بڻجي رهندا. سماج ۾ هر هڪ انسان سان هلڻو آھي، پر اَندر کان مان اَڪيلي جي پڪ بہ ڪرڻي آهي. سڀني جي وچ ۾ رهي ڪري سڀني کان نيارا ٿيو.
۴. پراڻ ڌن:- سچ کي پرگهٽ ڪرڻ جي لاءِ تن - من - ڌن ۽ پنهنجي خيالن جي اُصولن جي قُرباني ڪرڻ.
(۳) يوگ آسن:- پدم آسن، سُک آسن، ڪيترن نمونن جا آسن آهن، جيڪي پنهنجي سرير جي اَوسٿا جي حساب سان ڪندا رهو.
(۴) پراڻايام مُدرائون:- ڪپال - ڀاتي، اَنلوم - وِلوم، ڀِرمري، جيڪو توھانجي لاءِ لاڀدايڪ(ڦلدائي) هُجي، ڪندا رهو. اوم جو اُچار، (وڏا ساهہ کڻڻ - ڇڏڻ،) ڪرڻ سان توھانجي تن ۽ من جي شڪتي وڌنڌي ويندي.
(۵) پرتيهارڻ:- من کي وڪارن کان روڪي ڪري، ايڪاگر ڪري، برهم درشن ڪرڻ، اُنکي پرتيهارڻ چئبو آهي.
(٦) ڌارڻا:- وِرتي بہ ايڪاگر هُجي ۽ اندر ۾ اَجپو - جاپُ بہ هلندو رهي تہ مان برهم سوروپ آهيان.
(٧) ڌيان:- وِرتيءَ کي هڪ جڳھہ تي ايڪاگر ڪرڻ تہ مان برهم سوروپ آهيان. اِهوئي ڌيان ڌرڻ آهي. اسان گُروءَ جي در تان برهم ڪار وِرتي آندي آهي، اُن وِرتيءَ کي منھنجا من سنڀالي رکجائين.
(۸) سماڌي:- ڀرڪُٽي سماڌي، سنڪلپ سماڌي، نِر وِڪلپ سماڌي، سهج سماڌي.
۱. ڀرڪُٽي سماڌي:- هِن سماڌيءَ ۾ وکیپ اَچڻ وقت اَکيون بند ڪري آتما ۾ اَچڻ جي، گُم ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اِها ٿوري وقت جي سماڌي رھندي آھي، جيئن ئي وکيپ ختم ٿيندو آهي ۽ سماڌي ٽُٽي پوندي آهي.
۲. سنڪلپ سماڌي:- هِن سماڌيءَ ۾ آتما جي گيان جا ويچار من جي اَندر هلندا رھندا آهن، پر ٻاهران سماڌيءَ ۾ رهندو آهي.
۳. نِر وڪلپَ سماڌي:- هِن سماڌيءَ ۾ سڀ ڀيد ڀرم مٽجي ويندا آهن، ڌُونڌن کان پري ٿي ويندا آهيون. من شانت رهندو آهي، گيان اَگيان ختم ٿي ويندو آهي.
۴. سهج سماڌي:- ڪر اَٺـئي پهر سماڌي، گيان نشچيہ سان من ايڪاگر ٿي ويندو آهي. ستگرو برهم گيان جو نشچو ڪرائيندا آهن، تہ مان برهم سوروپ آهيان، تہ سماڌي لڳائڻي نہ پوندي آهي، پر سهج ڀاوَ ۾ سماڌي لڳل ھوندي آهي. سمان ٻُڌي ٿي ويندي آهي. سڄي سنسار جا، ڀڳوان جي رستي جي طرف ڪرم ڪندي بہ من ايڪاگر رهندو آھي. هر ڳالهہ جو حل (رستو) نڪري ايندو آھي. اِهائي سَهج سماڌي آهي.
(١) پرالبد ڪرم:- اِنسان جي هِن جنم ۾ سرير ڇُٽڻ جي ڪارڻ جِن ڪرمن جو ڦل هِن جنم ۾ نہ مليو اُنھن ڪرمن جي ڦل سان تُنهنجي ٻي جنم جي پرالبد ٺهي ويندي آهي. جات، عمر، ڌن، اِنسان جي جُوڻ يا پسونءَ جي جُوڻ، پکيءَ جي جُوڻ جنهن کي جيڪو بہ مليو، پنهنجي ئي ڪرمن اَنوسار مليو.
(٢) سنچت ڪرم:- اِنسان جي هن جنم ۾ ڪيل ڪرمن جا ڦل، سرير ڇُٽڻ جي ڪارڻ نہ ملي سگهيا ۽ ڪرمن جا ڦل جمع ٿي ویا، اُنھن جمع ٿيل ڪرمن کي سَنچتڪرم چئبو آهي. سنچت ڪرمن سان ئي تُنهنجي ٻي جنم جي پرالبد ٺهندي آهي. جنهن کي اَسان ڀاوي بہ چوندا آهيون. ڀاوي ائين تہ نہ مٽجندي (اَمٽِ) آهي. پر سچي ستگُروءَ جي شرڻ سان ڀاويءَ جو اَثر بہ گھٽ ٿي ويندو آهي. پر ڀاوي پنهنجو اَثر ضرور ڏيکاريندي آهي. تُنهنجيِ پنهنجي ئي ٺهيل ڀاوي آهي جيڪا توکي ڪٽڻي پوندي، پوءِ چاھي کِلي ڪري يا روئي ڪري گيان سان، ستگروءَ جي پريم سان ڀاوي ڪٽجي ويندي آهي، ڄڻُ تہ جيئن مَکڻ مان وار، سُوريءَ مان ڪَنڊو. سچي، نسوارٿي برهمگياني ستگروءَ جو سنگ ڀاوِيءَ کي چڱي حد تائين مِٽائي سگهندو آهي، نہ تہ ڀاوي مٽجي نہ سگهندي آهي، ڀوڳڻي ئي پوندي آهي. جئين رام، ڪرشن، راوڻ وغيرھہ کي بہ ڀوڳڻي پئي.
(۳) ڪِرئيمان ڪرم:- هن جنم ۾ اڄ جيڪي اِڇا ۽ اهنڪار سان ڪرم ڪندا آهيون، اڄ جي ڪيل ڪرمن جو ڦل ھن جنم ۾ ملندو آهي. اُن کي ڪِرئيمان ڪرم ۽ ڪِرئيمان ڪرم جو ڦل چَوندا آهيون.
(۴) ستڪرم:- (دان گيان جو دان) يگيہ، تپُ، پُوڄا-پاٺ وغیرهہ ڪرڻ، کي ست ڪرم چوندا آھن.
(۵) بد ڪرم:- چوري، ڪُوڙ، دُويت، دُويش، ڪام، ڪڙود، پنهنجي آتما کي وِساري ڇڏڻ بد ڪرم ٿيندا آهن. بد ڪرمن کي نيشيد ڪرم بہ چوندا آھن.
(۶) مِڪس ڪرم:- اَگِيان جي اَنڌيري ۾، سوارٿ ٻُڌيءَ سان تون ڪڏهن ڪڏهن مِڪس ڪرم ڪري ڇڏيندو آهين. جئين تون سنسار جو وهنوار ستسنگ ۾ ڪندو آهين. ڪيرتي، ڪامني، ڪنچن جي اِڇا سان اگر ڪرم ڪندو آهين تہ اُهي مِڪس ڪرم آهن. نشڪام ڪرم جي آڙ ۾ تون اِڇا پوري ڪندو آهين تہ مِڪس ڪرم ٿِي ويا. منعي ٿيل ڪرمن کي وڪرم بہ چوندا آھن.
(۷) سڪام ڪرم:- پنهنجي ۽ پنهنجن وارن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪرم ڪرڻ سڪام ڪرم آهي. سنسار ۾ پنڪتي ڀيد نہ ڪرڻو آهي، پنهنجا بہ قطار ۾ بِيٺا آهن، شرڌا ۾ رُڪيل آهن، تہ اُنھن جي طرف بہ ڌيان ھُئڻ گھرجي، پر ٻين جو بہ ڌيان رکڻ کپي. ڪڏهن ڪڏهن جگياسو فقط پنهنجو ۽ پنهنجن وارن جو ئي سوچيندو آهي تہ سڪام ڪرم ٺهي ويندا آھن. سڪام ڪرم سُوارٿ ٻُڌيءَ سان ٿيندا آھن.
(۸) سَتو گُڻي ڪرم:- ڌيرج، نمرتا، پيار سان ڪرم ڪريون ۽ ڦل جي اِڇا نہ رکون، جيڪو بہ ڪرم ٿي رهيو آهي ڀڳوان سان ٿي رهيو آهي. "ڪرڻ -ڪراوڻ آپي آپ، مانُشيہ ڪي ڪڇ ناهي هاٿ."(سڀ ڪڇ ڪرڻ وارو ڀڳوان پاڻ ئي آھي، انسان جي ھٿ ۾ ڪڇ بہ نہ آھي.)
(۹) رجو گُڻي ڪرم:- ڦٿ-ڦٿ، گھڻي ھلچل، ڪٍٽٍ-ڪٍٽٍ، اٍڇا، ڪرتاپڻي سان جيڪي ڪرم ٿيندا آهن اُھي رجوگُڻي ڪرم ھوندا آهن.
(۱۰)تموگُڻي ڪرم:- ٻين جي نقصان جي لاءِ ڪرم ڪرڻ، ڀلي پنھنجو بِہ نقصان ٿي وڃي تہ بہ ھلندو، پر ٻئي کي تڪليف پھُچايان، اھڙي ڪرم کي تمو گُڻي ڪرم چوندا آھن.
(۱۱)نيمتٍڪ ڪرم:- سَھج ڀاو سان اُٿڻ-ويھڻ، ھلڻ-چلڻ جيڪو ڪرم ھر روز، ھر وقت ڪرڻو پوندو آهي اُنھن ڪرمن کي نيمتِڪ ڪرم چوندا آهن. اُنھن کي سرير جُون ڪٍريائون بہ چوندا آهن. ھر ڪرم زنجير آھي، ست ڪرم سوني جي زنجير، بد ڪرم لوھي جي زنجير. ڪرتا ٿي ڪري ڪريون تہ ٻنڌن بہ آھي، ٿَڪاوٽ بہ آھي. ھر ڪرم جي لاءِ گٍيان جي جوت کپي، ستگروءَ جو دِويہ پريم کپي. شرڌا سان تون روز اَڪرتا ٿيندو ويندئين.
۱. شُڀ اِڇا ۲. سُويچار (سٺا ويچار). ۳.تن مانسا ۴. سَتواپتي ۵. اَسنساتي ( غير مُطابق) ۶. پدارٿ اَڀاوني ۷. تُريا پد
۱. شُڀ اِڇا:- گيان جي لاءِ شُڀ اِڇا رکي ٿو تہ ڪيترا جنم وڇڙيل ھُياسين مادَوَ (ڀڳوان) هاڻي هي جنم ڀڳوان پائڻ جي لاءِ، مان نرِاِڇا، نسوارٿ ٿي ڪري پنهنجو جيون سڦل ڪريان.
۲. سُويچار (سٺا ويچار):- اوچي سوچ رکندو آھي. هميشهہ سٺا (positive) خيال رکندو آھي. اهڙي ويچاردارا نِرآرٿڪ (negative) مان سارٿڪ (positive) بہ ڪڍي سگهندي آھي.
۳. تن مانسا:- تن ۽ من اِسٿر ٿي ويندا آھن. تن من هڪ رسُ ٿي ويندو آھي.
۴. سَتواپتي:- ستَ جو ديدار ڪندو آھي، تہ مان ديهہ نہ آهيان برهم سوروپ آهيان.
۵. اَسنساتي:- ڪوئي بہ شڪ نہ رهندو آهي، آسڪتي نہ رهندي آهي.
۶. پدارٿ اَڀاوني:- پدارٿ ڏسڻ ۾ ايندا آهن پر جئين تہ ڏٺا ئي نہ.
۷. تُريا پد:- جتي گياني پنهنجي پوُرڻ آتما سُجاڳيءَ ۾ آهي. آتم رسَ ۾ ٻُڏل ھوندو آهي.
۱. برھمچريہ ۲. گِرھسٿ ۳. وانپرسٿ ۴. سنياس
۱. برھمچريہ:- برهم کي ڄاڻڻ، برهم ۾ ٽِڪڻ هر منشيہ جي لاءِ ضروري آھي. هر اِنڌريءَ جو برهمچريہ ھُجڻ کپي. زندگي سنيمِ. (संयम) ۾ هُئڻ گھُرجي. سڀ سنيمِ َ۾ ھُجڻ گھرجي. اُٿڻ-ويهڻ، کائڻ-پيئڻ، سمهڻ، ڳالهائڻ، وغيرهہ سڀ برهم سهِت (آتم - پُوڄا) هُجي.
۲. گِرھسٿ:- گھر ۾ رهي ڪري تون تِرپِت نيارو ٿي ڪري رَهين پنهنجي آتما جي گهر ۾ ٽڪيل رَهين. سمان درشٽيءَ ۾ رهي سگھون.
۳. وانپرسٿ:- گهر ۾ رهي ڪري بہ ڪِٿي ڪرتاپڻو نہ ڪريوُن جيترو ٿي سگهي ٻين کي اڳيان ڪريوُن پاڻ کي پٺيان بہ رکون ۽ سجاڳيءَ ۾ بہ رھون.
۴. سنياس:- سچو سنياس آهي سڀني ڀرمن وهمن جو ناس ٿي وڃڻ، تيوِرَ وئراڳ وِرتي ھُجي. سنياس وٺڻو آهي تہ پنهنجي سُک ٻُڌيءَ کان سنياس وٺهون. پنهنجي اِڇائن جو سنسار جيڪو ٺاهيو آهي، اُن کان سنياس وٺڻو آهي.
۱. آدي:- ڌن جا روڳ، ڌن جي ڪمي، ڪڏهن وڌيڪ ڌن کي سنڀالڻ جي چنتا، قرضو چڙهي وِڃي، قرض ڪوئي واپس نہ ڪري اَهڙين بيمارين کي آدي روڳ چئبو آھي.
۲. وياڌي:- تن جا روڳ، سرير جا دک، بيماري، بُک، اُڃ اَهڙن دکن کي وِياڌي روڳ چئبو آھي.
۳. اُپاڌي:- من جون بيماريون، موهہ، ممتا، چنتا، شوڪ، مان - اپمان جا دک اُپاڌيءَ جا دک آهن.
ٽنهي نمونن جي دکن کان ستگُرو آتم نشچو ڪرائي ڇڏائيندا آهن.
۱. پروڪش گيان:- جيڪو ٻُڌي ڪري ٻُڌائبو آهي، پاڻ ٻُڌي ڪري، پڪو رھٽو ماري گيان کڻندو آهي ۽ ٻين کي بہ اُن ئي نموني سان گيان پڪو ڪرائيندو آهي. ڀڳوان چوندا آهن پر ڀڳوان آھي اُن جو احساس نہ ٿيندو آھي.
۲. اَپروڪش گيان:- جيڪو پنھنجو اَنڀوَ ڪيل گيان آھي. سچي گروءَ نسوارٿي ستگروءَ جو اَپروڪش گيان ھوندو آهي. جيڪو ڀڳوان کي ھاجُر ناجُر ڏيکاريندا آھن، محسوس ڪرائيندا آهن ۽ ڀڳوان کي هاجُر ناجُر پڪرائيندا آھن. ھن گيان سان جيون سڦل ٿي ويندو آهي ۽ ھن گيان سان پريم ٿي ويندو آهي.
١. پَرا وِڌيا:- آتما جو گيان، پنھنجي سڃاڻپ تہ سرير نہ برھم سوروپ آهيان. سچ ڇا آهي؟ سرير کي وِسار تہ تون ئي ستيہ آھين، تون ئي شِو آھين، تون ئي سُندر آھين جيستائين درشٽي ويندي آهي اوستائين سرشٽي ڦهلجندي آھي سڀني ۾ منهنجو روپ آهي
۲. اَپرا وڌيا:- برھم گيان کي آتما جي گيان کي الڳ ڪري باقي وِڌيا اَپراوڌيا آھي، سڄو وگِيان، اَگِيان جيڪو بہ آھي.
۱. دِرشٽا:- جيڪو ڏسندؤ آھي، جيڪو خُد ساڪشي آهي اُن کي دِرشٽا چوندا آھن.
۲. دِرشيہ:- ڏسڻ وارو جنھنجو درشن ڪندو آھي. جنهن شيءَ، ماڻهونءَ جو درشن ڪندو آھي، جنھن حالت جو ھوُ ساڪشي آھي اُن کي دِرشيہ (scene) چوندا آهن.
۳. درشن:- منعي ڏسڻ، ڏسڻ جي ڪِريا اُن کي درشن چوندا آھن.
۱. گياتا:- جيڪو گيان وٺڻ وارو آھي.
۲. گِيہ:- جيڪو گيان ڏيندو آهي.
۳. گيان:- جيڪو وٺندا ۽ ڏيندا آهن.
۱. ڌياتا:- جيڪو ڌيان لڳائڻ وارو آهي.
۲. ڌِييہ:- جنھنجو تون ڌيان لڳائيندو آهين.
۳. ڌيان:- ڌيان لڳائڻ جي وقت تون جيڪو خيال ڪندو آھين اُن کي ڌيان چوندا آهن.