شري شاردا شرنم ستسنگ گيتا
مان، ديما، منھنجي ڪَل جي ڪلپنا ھئي تہ ڀڳوان شري ڪرشن منھنجي جيون ۾ ڇو نہ آھن؟ مان ڀڳوان شري ڪرشن کي گھڻو پيار ڪيو ۽ ٻيو پيار ڪيو مھارٿيِ ارجُن جي ڀاڳيہ سان. مان سوچيندي ھُیس تہ مان اُن يُگ ۾ شري ڪرشن ڀڳوان سان گڏُ ارجن بڻجي ڇو نہ ھُیس. شري ڪرشن ڀڳوان جي ست شاستر گيتا کي مان جام پيار ڪيو آھي . پر گيتا کي ڪڏھن سمجھي نہ سگھيس، نہ ڪڏھن اَنُڀو ٿيو، نہ ئيِ ڪڏھن پنھنجي جيون سان لڳائي سگھيس. گيتا ۾ لکيل آھي، ”ھر ھند مان ئي آھيان“ جو مطلب منھنجي سمجھہ کان ٻاھر ھيو.
گھڻن ئي پرڪارن جا سوال دل ۾ اُٿندا ھئا، پر شري ڪرشن ڀڳوان کي ڪٿان وٺي اَچان، اُن جو سنگ ڪيئن ڪيان ۽ سوچيندي ھُيس تہ شل مؤنکي بہ شري ڪرشن ڀڳوان مليِ وڃي، منھنجي جيون ۾ گيتا جو اَنڀو ڪرڻ جي چاھہ پؤري ٿي وڃي.
اُن وقت مؤنکي منھنجي ستگرو ” شري شاردا دادي ڀڳوان“جو ستسنگ ”شري شاردا شرنم ستسنگ“ مليِ ويو ۽ مؤنکي منھنجي جيون روپي رٿ جي لاء شري ڪرشن ڀڳوان ملي ويا ۽ مؤنکي سچو اَرجُن بڻائي ڇڏيائون.
منھنجي زندگيءَ جي سڀني سوالن جا جواب منھنجا نسوارٿي ستگرو ” شري شاردا دادي ڀڳوان “ بڻجي ويا. جڏھن اُھي منھنجي زندگيءَ ۾ آيا تڏھن منھنجي عمر ٢٣ سال ھُئي. اُنھن سان گڏ مان اُنھن جي تپسيا جو اَنڀو ڪيو اُھو ھڪ شاستر بڻجي ويو. اڄ پنھنجي ستگروءَ کي پاڻ ۾ سمائي ڪري، پنھنجي دل ۾ ويھاري اُنھنجي مُک مان نڪتل وچن، ” منھنجي سرشٽي سندر ڪيو“ کي کڻي پنھنجي ٦٢ سالن جي عمر ۾ ٣٩ سالن جو انڀو کڻي، مان پنھنجي سرشٽيءَ جي ٻارن کي, ھي ھڪ ننڍي سوکريو, منھنجو پيار ڏيئي رھي آھيان. منھنجي اِن ”پيار ڀري ڪتاب“ کي ڪتاب نہ سمجھي ڪري منھنجي دل جي ممتا سمجھي ڪري سويڪار ڪندا. منھنجي ستگرؤءَ جي تپسيا جي آسيس ضرور اُنھن جي نصيب تي ٿيندي جيڪي اِنھن وچنن کي دل ۾ رکندا, اّنھن جي انڌيري جيون ۾ روشني ٿيندي, رُٺل ڀاڳيہ بڻجي ويندا.
مان پنھنجي ستگرؤءَ کان جيڪو ڀڳوان شري ڪرشن جي گيتا جو ارٿ سؤلي نموني انڀو ڪيو آھي, اھو توھان سڀني کي ڏيڻ ٿي چاھيان.
اھا مُنِھِنِجي، ديما جي ممتا۔مئيِ آواز آھي. توھان جي سنسار ۾, اڄ جي سماج ۾ جيڪي ھيڏا دک۔سک جا طوفان ڦئليل آھن, ڪٿي ڪنھن کي ڪوئي رستو ڏسڻ ۾ نٿو اچي, اھڙي سنڪٽ جي وقت ۾ منھنجا ستگرؤ” شري شاردا دادي ڀڳوان“ اَوِتار وٺي ڪري ڌرتيءَ تي آيا ۽ اڄ جي وقت سنڪٽ ۾ گھريل ٻارن جي لاء شانتيءَ جو سنديش سؤلي ٻوليءَ ۾ ڏنو.
منھنجي ستگرؤءَ جا وچن سؤلي ٻوليءَ ۾ تہ آھن، پر سڀ کان وڌيڪ الؤڪِڪِ, ضروري ڳالھہ اِھا آھي تہ اُنھن جي ” تپسويِ مُک“ مان گھڻيئي اھڙا موتين وانگّر لفظ نڪرندا آھن جو سڌو اسانجي دل ۾, سرير جي نس نس ۾ سمائجي ويندا آھن. اَسان اُنھن جا ٻار اِھي وچن عمل ۾ آڻيندا نہ, تہ انھن جا تپسوي وچن پاڻ اسانجو پيشو ڪندا آھن ۽ اسان جي آدرشن کي صحي ڪندا آھن, اسان سٺن رستن تي ھلڻ سکندا آھيؤن, جيون ۾ جيڪا ٿرتا نہ ھئي, اھا انھن جي وچنن سان اچي ويندي آھي. انھن جي وچنن سان ٽّٽل رشتا بہ ٺھي ويندا آھن, وِڪارن جي ويگ کي ڪنارا ملي ويندا آھن, وِڪار سنگار بڻجي ويندا آھن, جيون کلي پوندو آھي. سنسار ۾ ماڻھن سڀ ڪڇ وڃائي ڇڏيو آھي, سنسار تہ ھٿ ۾ اچي ڪري بہ ھٿن مان نڪري ويندو آھي ۽ ڀڳوان بہ تمام پري پري ھلي ويندو آھي. ڀڳوان ملڻ جي ڪائي اّميد نہ رھندي آھي.
تڏھن منھنجي ستگرؤءَ جي, ”شري شاردا شرنم ستسنگ“ ۾ اچي ماڻھن جا گھم ٿيل حق ملي وڃن ٿا. توھان جو جيون سيتل, ترپتيءَ وارو, ھوش ۽ جوش سان ۽ ڀڳوان سان گڏ گذرڻ لڳندو آھي. مان اھڙو جيون پاتو آھي, گُذاري رھي آھيان.
جئين تہ مان ”ديما“ جي ممتا پُڪاري رھي آھي, تہ منھنجي ٻارن کي دکن مان ٻاھر ڪڍان ۽ سنسار کي نئو جيون ڏيا. نفرت جي باھہ ۾ جيڪو سنسار جلي رھيو آھي اُنھن کي پيار ملي, ٿڌائڻ ملي, نئيون منزلون ملن, نوئان رستا ملن ”منھنجي ستگرؤءَ جون رھمتون سڄي سنسار کي ملن“ .
سرشٽيءَ جي ھر پراڻيءَ جي لاءِ, منھنجي دل ۾ پيار اّڀرندو آھي تہ ھر ھڪُ ھميشھہ ڀڳوان سان گڏ رھي, تہ جيئن انھن کي ڪوئي آندي طوفان نہ لڳي. اسان چاھيؤن ٿا تہ سرشٽيءَ جي ھر پراڻيءَ کي, سڀني ٻارن کي, ننڍپڻ کان ئيِ سچ جي روشني ملي جيئن اھي ڀٽڪڻ کان بچي وڃن. پر ڀڳوان سان گڏ ڪوئي ڪيئن رھي سگھندو آھي, جيتوڻيڪ ڪنھن کي ڀڳوان جي ڏياڻ ئي ڪانھي، نہ ئي ماڻھوءَ کي پنھنجي ڏياڻ آھي, تہ مان ڪير آھيان, مان ڪٿان آيو آھيان, ڇا ڪم آھي منھنجو ۽ ڪٿي وڃڻو آھي مونکي. پنھنجي لاءِ, سنسار جي لاءِ, ڀڳوان جي لاءِ, منھنجو ڪھڙو ڌرم آھي ۽ ڪھڙو ڪرم آھي؟
ھر انسان جي دل ۾, ڀلي اّھو سنسار ۾ پنھنجي جيون ۾ ويست ھجي پوءِ بہ, مٿي ٻڌايل سوال من ۾ اّٿندا آھن. پنھنجي سنسار جي مستيءَ ۾ ڌيان نہ ھوندو تہ اندر ڇا ھلي رھيو آھي تہ ڳالھہ ٻي آھي, ٺيڪ آھي, ھاڻي ٿورو سو ڌيان انڌر رکو, انترمّکي ٿي وڃو. توھان جي انڌر ۾ ڀڳوان جي لاءِ سڀ سوال آھن ۽ جواب بہ گڏئي آھن.
پر توھان کي ” شري شاردا شرنم ستسنگ“ جُون ڪُجھہ ڳالھيون ويچار ڪرڻيون پونديون, منھنجي آواز تي ٿورو سو ڌيان ڏيڻو پوندو تہ پوءِ توھان کي پنھنجي ڄاڻ ۽ ڀڳوان جي ڄاڻ جو گيان پراپت ٿيندو.
ڀڳوان ھڪ شڪتي آھي، اُھا شڪتي ڏسڻ نہ ايندي آھي، پر محسوس ڪري سگھندا آھيون، اُن شڪتيءَ جو ڪوئي بہ ناس نہ ٿيندو، ان کي ڪوئي مٽائي نہ سگھندو، ڪوئي چوري نہ ڪري سگھندو. اُھا شڪتي هميشھہ آھي ئي آھي، پھريون بہ ھُئي، ھاڻي بہ آھي، پوءِ بہ رھندي. اُھائي شڪتي ٻار جي گرڀ ۾ بہ رکشا ڪندي آھي، جنم داتا آھي، جيون داتا آھي، مرڻ مئل مددگار بہ آھي. تڪليفن ۾ توھان کي ساٿ ڏيندي آھي. خشيون ڏئي توھان کي خوش بہ رکندي آھي، توھانجي اُنتي ڪرائي ڪري توھان کي آسمان ڇُهڻ جي لاءِ بہ چوندي آھي. ڪِرندا آھيو تہ پنھنجي گود ۾ سنڀالي بہ وٺندي آھي، ڪِرڻ نہ ڏيندي آھي، اُن شڪتي کي محسوس ڪرڻ ئي ڀڳوان آھي ۽ انکي ئي ڀڳوان پائڻ جي پراپتي چوندا آھن. اُن شڪتي ۾ ٽڪڻ، ٿر ٿي وڃڻ ۽ لين ٿي وڃڻ ئي ڀڳوان کي پائڻ آھي.
ڀڳوان جو ڪوئي بہ روپ، رنگ يا ريکہ، ڪوئي آڪار نہ آھي، ڀڳوان نر-آڪار آھي. تنھنجي سرير ۾ جيڪي اکيون آھن ان سان ڀڳوان ڏسڻ ۾ نہ ايندو پر اندر جي اکين، ٽن نيترن سان ڏسڻ ۾ ايندو ڪوئي نشڪامي، نسوارٿي سچو ستگرو توھانجي زندگيءَ ۾ اچي ان ستگروء جو نشڪام پريم توھانجي زندگيء ۾ وردان بڻجي ڪري اچي تہ ٻيڙو پار آھي. توھان انتر مکي ٿيڻ شروع ٿيندا آھيو، ٽيو نيتر کلي ويندو آھي ۽ ھر وقت ھر جڳھہ ھر ڪنھن ۾ ڀڳوان جو ئي ديدار ٿيڻ لڳندو آھي. توھانجي درشٽي پڪاري، اُٿندي تہ”آھي ئي ڀڳوان، آھي ئي ڀڳوان، آھي ئي ڀڳوان، آھي ئي برھم، آھي ئي برھم، آھي ئي برھم.
ڀڳوان توھانجي دل ۾ ئي رھندا آھن. توھانجي نس نس ۾ ئي آھن. توھانجي خون جي قطري قطري ۾ ڀڳوان ئي آھن. توھانجي سواسن ۾ ڀڳوان ئي وسيل آھن. اکين ۾ روشني ڪنھنجي آھي. ھڪ روشني مان سڄو جڳُ پئدا ٿيو جيستائين توھانجي نظر ويندي آھي ڀڳوان جيِ شڪتيءَ کي محسوس ڪريو. ڀڳوان ھر جڳھہ وسي ٿو. خاليجڳھہ ۾ بہ ڀڳوان کي محسوس ڪيو. اھا نہ ڏسڻ اچڻ واري شڪتي ھر وقت ڀڳوان بڻجي ڪري توھان سان گڏ رھندي. توھان جو ڪَوَچُ بڻجي ويندي اِھا ” شري شاردا شرنم ستسنگ جي آشرواد (آسيس) آھي“.
سرشٽي جي شروعات ۾ نراڪارشڪتي خالي خالي ھئي، اڪيلي ھئي. اُن شڪتيءَ کي اُمنگ آيو، مھان اِڇا، شُڀ اِڇا پئدا ٿي تہ مان ڪنھن کي پيار ڪيان. پنھنجي ممتا ڪنھن تي قربان ڪيان. انڪري اُھائي ھڪ شڪتي سڀني ۾ وسي وئي، ”نام ڪوئي بہ ليجيئي ايشور تو ھئہ ايڪ“ اُھا ھڪ ممتا، سمتا جو ساگر ٿي وئي، ٫پسرٍيا پاسار، ھڪ مان انيڪ ٿي ويو. ٻج روپيٍ ھڪ شڪتي، وڻ ٿي وئي. ٻج سُوَروپ، اُھا ئي شڪتي ڌرکت بڻجي وئي. تون بہ اُن شڪتيءَ جو ئي سُوَروپ آھين.
جھڙي طرح تون پنھنجي پٍتا جو اَنشُ روپ آھين، اُنھيءَ طرح تون ڀڳوان جو ئي سُوَروپ آھين. جيئن تہ ميلي ۾ توکان پتا جي آڱر ڇڏائيجي وڃي ٿي ۽ تون پتا کان وڇڙي وڃي ٿو، اِنھيءَ طرح ڀڳوان جو سُوَروپ ٿي ڪري بہ تون اُن کان وڇڙجي ويو آھين. ڪائي سڃاڻپ نڪتي، تہ تون پنھنجي پٍتا سان ملي ويندو آھين. اھڙي طرح سچا ستگرو تنھنجي زندگيء ۾ ايندا آهن، توکي پنھنجي سڃاڻپ ڏيندا آهن تہ تون ڀڳوان جي شڪتيءَ جو ئي سوروپ آھين، ڀڳوان ڪوئي ٻيو نہ پر تون ئي آھين. ڀڳوان سرشٽيء جي سندرتا جي لاءِ جيٍوُ بڻايو، تون جيٍوُ ڀاو ۾ اچي ڪري ڀڳوان کي ئي ڀلجي وئين. سنسار جي ميلي ۾ ڀڳوان کان جيٍو وڇڙي ويو. سچو، وئراڳي، تپسوي، برھمگياني ستگرو جڏھن توکي ملي ويندو آهي تہ تون ڀڳوان سان مٍلي ڪري ھڪ ٿي ويندو آھين ۽ ڀڳوان جو پيار محسوس ڪندو آهين.
وئراگيہ ھڪ مٍٺيٍ سئوغات آھي، جيڪا سچي نشڪامي ستگروء وٽان ئي ملندي آهي. سڀ سنسار ۾ وئراڳہ شبڌ کان ڏڪندا آھن، سمجھندا آھن جنگل ۾ وڃڻو پوندو، گھر ٻار-ٻچا، سڀ ڇڏڻا پوندا، ڪنھن رنگہ جو چولو پائڻو پوندو، بکہ-اُڃ تي رھڻو پوندو، سڄو ڏينھن مالا ڦيري تپسيا ڪرڻي پوندي پر اٍھو وئراڳہ نہ آهي. سچو ۽ سڦل وئراڳہ آھي تہ تون پاڻ کي سرير نہ سمجھہ پاڻ کي برھم سُوَروپ ڪري ڄاڻ( سمجھہ،) ست آتما کي، آتم گيان سان، ست ڪري سمجھو ۽ است سرير کي ناشونت ڪري سمجھو ھر وقت بدلجندر سنسار کي بدلجڻ وارو ڪري سمجھو ۽ ھميشھہ اٍسٿر پرماتما جي شڪتيء کي ٿٍرٍ ئي مڃو. ٿٍرٍ من برھم آهي اٿٍر من سنسار. من جي اٍسٿرتا جيڪا وئراڳہ ۽ آتم گيان سان ايندي آهي، اُھائي سچو سکہ ڏيندي آهي. گھر ڪٽنب ۾ نڀائڻ، رشتن کي ٽٽڻ کان بچائڻ، ھميشھہ شانت سڀاءُ ۾ رھڻ، ترپت رھڻ، ڌيرج ۾ رھڻ، پنھنجي نصيب ۾ سنتوش ۾ رھڻ، ھڪ ٻي سان پيار ڪرڻ، نفرت کي دوُر ڪرڻ، وئراڳہ سڀ ڪڇ سيکاري ڇڏيندو آھي. ڀڳوان سان اسان مٍليٍ ڪري ھڪ ٿي ويندا آھيون.
ڪوئي بہ انسان سچَ جي راھہ تي تيستائين نہ هلي سگهندو جيستائين ان کي پنهنجي قسمت تي اٽل وشواس نٿو ﭤﺌﻲ. پنهنجي نصيب تي وشواس هجڻ ضروري آهي. اڄ تائين پرماتما ڪنهن کي نہ ڏنو آهي؟ ڪير بکِيو رهيو آهي؟ پکين کي، جانورن کي، ڪِولين کي، وڻن ٽڻن کي، سڀني کي تہ مليو آهي، تڏهن تہ اُھي زنداھہ آهن. انسان کي بہ ڀڳوان ڏيندو آهي، ملندو هي آهي. پَرَ انسان جي ضرورت هر وقت، هر ڏينهن وڌندي ئي ويندي آھي. جيترو بہ هن کي ملندو آهي، اُن کي اُن کان بہ وڌيڪ کپي، وڌيڪ تہ کپي پر تڪرو بہ کپي، ڪڇ نئو بہ کپي. وري ڪنهن کي من ۾ ويهاري هِنَ جھڙو کپي، هُنَ جھڙو کپي. جھڙو مونکي مليو آهي، اِهڙو ٻي ڪنهن کي نہ ملي. سڀني کان سٺي شيء مونکي ئي ملي. اِھي ئي سڀ خيال هلندا رهندا آھن ۽ هُنَ کي پريشان ڪندا رهندا آھن. اُها نفرت جي هوا اڄ سڄي سماج ۾ هلي رھي آھي، توهان ويچار ڪري ڏسو، اِھي خيال ئي ڪارڻ آهن جيڪي انسان کي دکي ڪن ٿا. انسان هڪ ٻي کي پيار نٿو ڪري سگهي، پيار نٿو ورهائي سگهي. سڄي سنسار ۾ اِڇائن ۽ واسنائن جو کيل هلي رهيو آهي، پَرَ پيار جو ساگر سُڪي ويو آهي. ڇو جو اهڙا خيال من ۾ هلندا ٿا رهن. ڀڳوان ۾ وشواس نٿو رهي. شرڌا ۾ ، پنهنجي آلس، ڪيرتيءَ کي ڇڏي، پُرشارٿي ٿي سگھون، پنهنجي من کي خيالن کان خالي رکي سگھون، تہ من جي شڪتي هر روز وڌندي رهندي. شري شاردا شرنم ستسنگ جي شرڻ وٺي من کي هميشه صاف رکنداسين تہ توهان جي دِويہ شڪتي وڌي ويندي. توهان جو قدرت ۾ وشواس وڌندو. طوفان سان لڙڻ جي شڪتي ملندي، هر حالت جو توهان مجبوتيءَ سان مقابلو ڪري سگهندا. پيار جي ڀاشا سان، پيار جي ڀاونائن سان، توهان پيار جي گنگا کي ڌرتيءَ تي لاهي سگهندا آھيو. جنهن جي اڄ سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. ”پيار جي، پيار جي، پيار جي ئي ضرورت آهي“.
سچو دان آهي گيان دان، برهم گيان جو دان، جيڪو ڪڏهن بہ کُٽي نٿو. اهو دان سچو ستگرو ئي ڏئي سگهندا آهن. شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ توھان کي سولائيء سان ملي سگهندو آهي. جيڪو دان توهانکي سنتوش ڏي، اُهو ئي اُتم دان آهي. برهم گيان جو دان جيون ڏيندو آھي. مؤت جي ڊپ کان مڪت ڪندو آھي. سڀني ڌوندن کان دور ڪندو آھي. برهم گيان جو دان توهان کي هميشه تِرپتہ ڪندو آھي.
۱. سرير جي چَمڙي :- ڌرتي تتوَ آھي.
۲. سرير جو آواز ، جنھن کي توھان ڇُهي نٿا سگهو :- آڪاش تتوَ آھي.
۳. سرير جا رس (جل):- جل تتوَ آھي.
۴. سرير جا پران :- وُايو تتوَ آھي.
۵. سرير جي جٺرا اگني جيڪا اندر کاڌو پچائي ٿي، خون ٺاهي ٿي :- اگني تتو آھي.
پرڪرتي ماتا جي رچنا هن طرح آهي. ڀڳوان جي شڪتي، برهم چوائي ڪري ڦهلجي وئي ۽ سڄو برهمانڊ ٺھي ويو. پنجن تتوَن سان پسريوپاسار. ڀڳوان جي هي شڪتي، پريم شڪتي، پنج تتو ٺھيا، ڌرتي، آڪاش، جل ، وايو، اگني. اِنھن ڀڳوان جي تتوَن کان سواءِ سنسار ۾ ڪجهہ بہ نہ آآھي. ڪوئي بہ جڙپدارٿ، چيتن، پَسُون، ديوتا، دانوَ، انسان، هر شيءَ هنن پنجن تتونِ جوئي کيل آهي. انسان جو سرير بہ پنجن تتوَن جو ئي پڃرو آهي. جنم وٺي ٿو. پنجن تتوَن سان، مٶت ٿي ٿو تہ تتو وَڃي تتون سان ملي وڃن ٿا.
پرڪرتيءَ جا ٽي گُڻ :- ستو گُڻ ، رجو گُڻ، تمو گُڻ آھن.
ستو گُڻ :- سنتوش، ڌيرج، ديا ڀاونا.
رجو گُڻ :- ڦٿ-ڦٿ، طوفان، ھڪ ھند نہ ويهڻ ۽ هنگامو.
تمو گُڻ :- سستي ڪري سمهي پوڻ ۽ مايوسي.
پرڪرتي ماتا جي پنجن تتوَن سان سڄي دنيا جو چڪر هلندو آھي. ٽن گُڻن سان پنج تتِوَ هلندا آھن. دنيا جي ھر شيءَ ۾ توھان، ڌيان ڏيو تہ، ڪڏهن بہ هڪ جهڙي نہ ھلندي. چاهي توھان جو سرير آهي، جڙپدارٿ يا پاڻ پرڪرتي ماتا. اِھي سڀ بدلجندر آهن، اِھي ادلي بدلي ٿيندا رهندا آھن.
سنسار جي هر شيء جي اسٿتي بدلجندي آھي. توهان جو سرير جنم وٺي ٿو، پوءِ ٻالپڻہ ۾ اچي ٿو، جواني پوءِ ٻڍاپو اچي ٿو، پوءِ مرڻَ جي اَوَسِٿا کي پائي ٿو.
جڙپدارٿ کي بہ ڏسو اڄ اها نئي آهي، ڌيري ڌيري اُنجو نئوپڻو گھٽجندو وڃي ٿو، پوءِ اُها پُراڻي ٿي وڃي ٿي، ٽُٽي بہ پوي ٿي ۽ اُنھيءَ سامگريءَ سان وري نئو بہ ٺهي وَڃي ٿو. وڻ ٽڻ بہ ڏسو، سنسار جي ڪهڙي بہ وستوءَ کي ڌيان ڏيو، سڀ بدلجڻ واريون آھن، سڀ ٽن گُڻنِ جي حساب سان هلندر آھن.
ڪوئي بہ ھڪ ماڻھو، جڙپدارٿ يا پاڻ قڌرت ڪنهن هڪ گُڻ ۾ نہ رهندا آهن، ڇاڪاڻ تہ رچنا جي مطابق، هر ھڪ کي ٽن گُڻن سان ئي هلڻو آهي، بدلجڻ ڌرم آهي.
سنسار جا سک-دک، عزت - بيزتي، نفو - نقصان، غريبي-شاهُوڪاري، ملڻ-جُدائي، ڄمڻ -مرڻ، سڀ ۾ ٽي گُڻ سمايل آهن، اھي سڀ بدلجندا رھندا آھن.
سنسار جي هر شيءَ ٽن گُڻنِ ۾ ايندي-وَيندي رھندي آھي، اُهي هڪ جڳھہ تي نہ رھي سگهندا. پَرَ انسان کي جيڪو سٺو لڳندو آھي، ھُو سوچيندو آھي تہ اُھا شيءَ رُڪجي
وَڃي. جهڙوڪ منهنجو سٺو وقت، سٺي شيءَ، منهنجي جواني.
سڀ ٽن گُڻَن سان هلڻ واريون سڀ ڳالھيون، هڪ گُڻ ۾ ڪڏهن بہ نہ هلنديون. توھان کي ٽن گُڻِن جي ڄاڻ ۽ ٽن گُڻَن جي عادت وجھڻي پوندي، تڏهن هن سنسار ساگر کي ڀَوساگر نہ پريم ساگر بڻائي سگهنداسين.
”ٻيڙو پار لڳائڻ وارو،
شري شاردا شرنم ستسنگ“.
ڪرم ٽن پرڪارن جا ٿيندا آھن
پرالبد ڪرم، ڪريمان ڪرم، سنچت ڪرم
پرالبُد ڪَرم سان ڪنھنجو ڪنھنجي گھر ۾ ڄمڻ ٿيو يا ڪنھنجي شادي ٿي. پر اِھا پرالبُد آئي ڪِٿان، ڪنھن ٺاھي تنھنجي پرالبد؟ ڇا ڀڳوان ٺاھي تنھنجي پرالبد؟ نہ، اِھا تنھنجي پنھنجي ڪَرمن جي پوکہ آھي.
"پرالبد"سان تون ڄمندو آھين، پوءِ ”ڪِريمان“ ڪرمن ۾ ڦاسندو آھين. جيڪي ڪرم توھان ھن جنم ۾ ڪندا آھيو ۽ اِنھيءَ جنم ۾ ڦل ملي ويندو آھي. اُن کي ڪِريمان ڪرم، ڪِريمان ڪرمن جو ڦل چوندا آھن ھن جنم جو ڪيل ڪرم ڪڏھن ڪڏھن سرير ڇڏڻ[مري وڃڻ] جي ڪارڻ. توھانکي ڦل نٿو ملي مطلب ڪرم ڪٽڻ ڪرم جي سٺي يا خراب سزا، اگر توھان کي ھن جنم جي ھن جنم ۾ نہ ملي، تہ اُھي توھانجا "سنچت ڪرم" ٺھي ويندا آھن. جمع ٿي رھجي ويندا آھن. اُنھن ئي سنچت ڪرمن سان تنھنجي وري پرالبد ٺھي ويندي آھي.مطلب ڪرمن جي انوسار تنھنجو ٻيو جنم ٿيندو آھي. اِھو قڌرت جو چڪر پاڻ ئي پاڻ سان ھلندو رھندو آھي، ڀڳوان نِرلِپ نارائڻ آھي. تنھنجي ڪرمن جو تون خُ۔د زميدار آھين. ڪرمن جو اِھو سِلسِلو جنم، جنمانتر تائين ھلندو رھندو آھي. جڏھن توکي برھم گياني، ڪوئي نشڪامي، نسوارٿي، گرو ملي تہ تون ڪرمن جي کيتيءَ کان بچي ويندين. گيان اگني ٻري تہ ڪرم سڀ ناس ٿي ويا. گُروءَ جو اَھڙو ڪَوَچ ملي ويندو آھي، جيڪو دک-سک، مان-اپمان، غريبي-شاھوڪاري، ملڻ-جدائي، ڪوئي بہ ڌُونڌ ڇُھي نہ سگھندو آھي. آتم گيان جو تون اڌڪاري بڻجي ويندو آھين. جنم مرڻ جي چڪر کان تون مُڪت ٿي ويندو آھين.
موڪش مطلب مُڪتي. مُڪتي ٻِن قسمن جي هوندي آهي. هڪ ديھہ مُڪتي، ٻي وديھہ مُڪتي. هڪ جيون مُڪتي، ٻي ديھہ ڇڏڻ کان پوءِ مُڪتيءَ جي اِڇا.
ديھہ ۾ هوندي (جيوِت)، جڏھن توهان موڪش کي محسوس ڪندا آهيو تہ اها توهان لاءِ جيون مُڪتي ٿي ويندي. توهان مُڪتيءَ جو مزو جيئري ماڻي سگھندا آھيو.
´سچو ستگرو` ´شري شاردا شرنمِ ستسنگ`، توهان کي جيون مُڪتيءَ جو آنند وٺائيندا آهن. انڪري توهان جو جيون سهج ۽ سؤلو ٿي ويندو آهي، هر طرح جو ٻَنڌن هوندي بہ توهان پنهنجي اندر ڪوئي ٻَنڌن محسوس نہ ڪندا آهيو. سڀ فرض نڀائڻ کان پوءِ، توهان ٿڪان محسوس نہ ڪندا، ڇاڪاڻ تہ ´شري شاردا شرنم ستسنگ`، توهان سڀني کي پهريون فرض،´ڀڳوان کي اندر پائڻ`، نڀائڻ ۾ توھان جي مدد ڪندا آهن. سچي ستگروءَ جي پرڀاو سان توهان هر ڳالھہ کي سمجهڻ ۽ انھن ڳالهين ۾ ٽڪڻ جي چاھت رکندا آهيو. ستگروءَ جي پرڀاو سان شڪتي ملي ويندي آهي. سچي مُڪتي انکي ئي چوندا آھن، جيڪا جيون ۾ جيئڻ سکاريندي آهي، سڀ ڌونڌن کان پري ڪري ڀڳوان سان جيئري ملائي هڪُ ڪندي آهي.
هر هڪ انسان سمجهندو آهي تہ مان پنهنجي جيون ۾ قرباني ڏني آهي ۽ سَچ ۾ ڏسڻ ۾ بہ اهو ئي ايندو آهي. پر سوچڻ ۽ سمجهڻ واري ڳالھہ اها آهي تہ جنھن جي لاءِ تون قرباني ڪندو آهين، ڇا اُن قربانيءَ جو ڦل اُنکي سک ملندو آهي؟ شانتي ملندي آهي؟ ترپتي ملندي آهي؟ شايد ڪڇ بہ نٿو ملي. تُنهنجي ٻي جي لاءِ قرباني ڪرڻ سان تُنھنجو ڪڇ تہ اندر مان نڪري ويندو پر سامھون واري جي ڪم نہ ايندو. اِھا ڪهڙي قرباني ٿي؟ سنسار ۾ قربانيءَ جا پُتلا تہ ٺُهياسين، هٿ ڪڇ نہ آيو. پر مُنهنجي´ستگرو شري شاردا دادي ڀڳوان` جي قرباني ڪهڙي آهي، جو پنهنجو جنم، جيون، ڪٽنب، سماج ۾ هر طرح سان پاڻ کي سنڀاليو ۽ جيڪو بہ انهنجي سامهون آيو سڀني کي سچ جو رستو ڏيکاري سکي ڪيو. سچي قرباني اِھا ئي آهي جيڪا پاڻ کي سکي ڪندي آهي ۽ ٻين کي بہ سکي ڪندي آهي، سدائين من کي شانتي ڏيندي آهي.
"راجا بہ دکيا، پرجا بہ دکيا، دکيا سارا سنسار، سوئي سکيا جس نام آڌار"
آخر ڇو آهن سڀ دکي؟ سڀ ڪڇ ملڻ کانپوءِ بہ انسان آخر سکي ڇو نہ آهي؟
آخر ڇو هر انسان، هر ڏينهن ڪڇ نئو چاهيندو آهي؟ نوان رشتا، نئيون شيون، نئيون ڳالهيون، نوان پدارٿ، زندگيءَ جي هر موڙ تي آخر ڇو انسان کي ڪڇ نہ ڪڇ نئو کپي؟
ايترو سڀ ڪُجھہ نئو اچي ڪٿان؟ اچي تہ پُراڻو ڪٿي وڃي؟ نئي رشتي جي چاھہَ ۾ پُراڻين زميدارين جو ڇا ڪيون؟ نئي پِڻي جي کوج ۾ ڇا انسان جو جيون نشٽ نہ ٿي رهيو آهي؟ آخر اِھا کوج ڪڏھن پوري ٿيندي؟
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ ستگروءَ سان ملي انسان جي کوج پوري ٿي ويندي آهي. ستگروءَ جي تپسوي جيون سان، پوتر مُک مان نڪتل وچن، نسوارٿ پيار سان ھر ھڪ انسان جي کوج پوري ٿي ويندي آهي. ڀٽڪيل جيون کي منزل ملي ويندي آهي ۽ سچي ترپتي ملي ويندي آهي .ستگروءَ جي وچنن سان هر هڪ انسان اهو سمجھي ويندو آھي تہ ترپتي نوئن پدارٿن ۾ نہ يا ماڻھن ۾ نہ پر ستگروءَ جي پيار ۾ آهي. ستگروءَ جي ڪروڻا سان، وڌيڪ ۽ نئو پائڻ جي لالچ نہ ٿيندي ۽ ڪنهن پدارٿن جي ڪمي نہ ڀاسندي. ستگروءَ جي وچنن سان ترپتي ملي ويندي آهي ۽ سڀني جو جيون جُهمڻ لڳندو آھي.
جو نظر ديک ليتي ھئہ تُجڪو، وو نظر فرِ ترستي نهي ھئہ. ترپتيءَ کي پائي سچي مُڪتي پراپت ٿيندي آھي.
سُٺن ۽ خراب خيالن ۾ جيڪا لڙائي ٿيندي آهي، اها مهاڀارت جِي لڙائيءَ کان گهٽ نہ آهي.
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ ستگروءَ اھو ئي سمهجايو، تنهنجو جيوڀاو، مان ديهہ آهيان، اُهي ئي تنهنجا ڪوروَ آهن، ستسنگِ مان سٺا خيال ملندا آھن. اُهي ئي تنهنجا اڄ جا پانڊوَ آھن. ستگرون جي وچنن سان، پريم سان، جيوڀاو جلي ويندو آهي ۽ برهمڀاو جو احساس ٿيندو آهي.
اسان جڙ چيتن ۾ ڀڳوان ڏسندا آهيون، رضا ۾ راضي رهڻ سکي ويندا آهيون، پنهنجِي نصيب ۾ اَٽل وشواس ٿيڻ لڳندو آهي. شري شاردا شرنم ستسنگ اسان کي هرحال ۾ پريم جي سُر، پريم جو رستو، پريم سان کلڻ، پريم سان رشتا نڀائڻ، هر شيءِ کي جوڙڻ سيکاريندا آهن، پر ٽورڻ نہ. جاڳڻو آھي پر بڄڻو نہ آھي. ڪس کائو پر پريم نہ ڇڏيو. هر لڙائيءَ کي اسان پريم جي لڙائي بڻائينداسين. اهو وشواس آهي. پنهنجِي اندر ڀڳوان ڏسو. سامهون بہ ڀڳوان ڏسو تہ پريم جي مرلي سڄي سنسار ۾ وڄندي.
"سُوکي چني چبائينگي پر ايڪو برهم لکائينگي."
جيون جي رٿ تي ڀڳوان سارٿي بڻجي ويهي. ڪرڻ ڪراون آپي آپ مانُشَ ڪي ڪڇ ناھي ھاٿ. مان ڪريان، مان نہ ڪريان ٻنھي ۾ ئي اڌرم آھي. ساڪشي ڀاو ۾ رهڻ، اشوڪُ رهڻ تنهنجو ڌرم آهي.
۱)
تتو کي ڄاڻڻ
:-
پرڪرتي ماتا جا پنج تتو:- ڌرتي، آڪاش، جل، وايو، اگني ۽ ٽي گُڻ:- رجو، ستو، تمو گُڻ کي سمجھڻ ئي تتو کي ڄاڻڻ آهي. سڀ پنهنجي طرح سان پنهنجو پاڻ ۾ هلي رھيا آھن.
تون پاڻ کي پنهنجي نالي سان سڃاڻي ٿو ۽ پاڻ کي سرير سمجهي ٿو تہ تون هلي رهيو آهين ۽ پاڻ کي ٿڪائي رهيو آهين. انسان جو اهنڪار ئي آهي جو سمجهندو آهي تہ مان ٿو ڪريان.
پنهنجي پرڪرتيءَ کي پرماتما جي پرڪرتيءَ سان جوڙي ڇڏيو تہ توھان نہ ھلندئو، نہ ٿڪجندئو پر سڀ ڪڇ پاڻ ئي ٿي رھيو آھي. ڪڻ ڪڻ ۾ ڀڳوان جي ليلا ڏِسو. اهو ڄاڻي ڪري پرڪرتيءَ جي تال-ميلسان جوڙي وڃو.
۲) گيان يوگ:- سرير جون ٽي اوسٿائون آهن ٻار، جواني ۽ ٻڍاپو. جنم ۽ مرڻ سرير جو ڌرم آهي.
پرڪرتي، پرماتما جي سڃاڻپ، جڏھن ٿيندي آهي. تڏنهن تتو کي سمجھندا آهيون. تہ مان سرير نہ آهيان، مان آتما آهيان. سرير جون اوسٿائون بدلجنديون رهنديون آهن پر مان نہ بدلجندو آهيان مان اجر، امر، اوِناشي آهيان، مان سدا سد جاڳرت آهيان، مان ستِ چِت آنند سُوَروپ آهيان. مان برهم سُوَروپ آهيان،
سرير کي پاڻ کان الڳ ڪريون، پر اهو نشچيہ انڌرين سان سمجهي نہ سگهنداسين. اهو ڪلپنا کان پري آهي. ستگروءَ کان روز ستسنگ ۾ وچن ٻُڌي اسان چوويھہ(٢۴) ڪلاڪ سماڌيءَ ۾ رهي سگهندا آهيون. اسان اهو محسوس ڪنداسين تہ اجپو جاپ هلي رهيو آهي. ھلندي، چلندي، سماڌي آهي ۽ سَهَجَ يوگ ۾ هلندا آهيون.
شري شاردا شرنم ستسنگ، سهج يوگ جي راھہ ٻڌائيندا آھن. جنھن ۾ سڀ يوگ سمائجي ويندا آهن. سمتا ڀاو جاڳندا آهن. جنھن سان سڄي سرشٽيءَ کي سندر ڪرڻ جا ڀاو جاڳي اُٿندا آهن. جيون کِلي اُٿندو آهي.
٣) نشڪام ڪرم يوگ:- قدرت سڄي پنهنجو پاڻ سان هلي رهي آهي، هستي شڪتي ڀڳوان جي آهي، ڪير چئي مان ڪيو؟ سڀ ٿي رهيو آهي، جڏهن اهو فرق سمجهنداسين تڏھن ٻڌي نشچيہ آتمڪ ٿي ويندي. اُن حالت ۾ سرير کان جيڪو ڪرم ٿي ٿو. اهو ڪرتا ڀاو کي ڇڏي ڪري ٿي ويندو آهي. قڌرت کي جيڪو ڪرائڻو آهي. اهو ٿي ويندو. ڪرم کي نہ ڇڏڻو آهي، پر ڪرم جو چنتن نہ ٿيندو. جڏهن مان نہ آهيان تہ ڪرتا ڀاو ڪونھي. جڏهن ستگرو من جي آسن تي ويهندا آهن تہ اِنڌريون ڪُميءَ وانگر ٿي وينديون آھن، انگ کولڻ ۽ سميٽڻ ڄاڻي وٺنديون آهن. ساڪشي ڀاو ۾ آهيون تہ نشڪام ڪرم آھي، تون ڪرم کان نہ ڇُٽندين پر ڪرم ٻنڌن کان آزاد ٿي ويندي. اهو ئي نشڪام ڪرم آهي،
"مان سرير نہ آهيان، مان آتما آهيان." اھو نشچیہ ڪرڻ سان ڪرم ۾ نہ آسڪتي رھندي ۽ نہ تون آلسي ٿيندي. ڇاڪاڻ تہ جنھن ستگروءَ توکي نشچو ڪرايو اُن سان پريم روڳ ٿي ويو. ستسنگ تنهنجي زندگيءَ ۾ اچي ويو تہ تنهنجو آلس نہ رهندو. نہ آلس رهي، نہ آسڪتي رهي، ٻئي ستگروءَ خصي ورتا. آلسَ ۽ آسڪتيءَ کي ڇڏي ڪري جيڪي ڪرم ٿي ويندا آهن، اُهي نشڪام ڪرم آھن.
”گيان يوگہ“ ۽”ڪرم يوگہ“ ٻہ ناھن. ھڪ ٻي وانگر آھن. ستگروءَ جي شرڻ ۾ اچي جيوڀاو جو مؤت، آتم ڀاو جو جنم ٿيندو آھي. چار کاڻ ۾ تو برهم ٿا ڪھين نہ پايو ٺؤر، جيو ۽ برهم جو ڀيد مِٽائي ڇڏيائون. اکنڊ جوت جڳجي وئي. تون مڃ يا نہ مڃ تون هي اُها شڪتي آھين. جھان تق جاتي درشٽي ھئہ جھان تق ڦھلي سرشٽي هئہ، سرِوَ مم روپ ھئہ. مان ئي نراڪار آھيان، ساري سرشٽي منھنجو ئي ساڪار سوروپ آھي، پوري پرڪرتي مون مان ھي اُتپن ٿي، پاڻ ئي ھلي رھي آھي. اِنصاف ھن پرڪرتي ماتا جو سؤڀاؤ آھي. وقت تي ھلڻ ھن جو گُڻ آھي، ڌيرج ھن جو زيور آھي، اھؤ اکُٽ آھي، ھن جو آدي انت ڪونهي، اھو رس دار آھي، اھو شاندار آھي اھو گھڻوئي سندر آھي، اھو ممتا مئي آھي. اگر جيوڀاوُ جي مئلي چادر نہ ڇڏينداسين، چور چنڊالي نہ ڇڏي. هنَ جا ڪيترا دفحا اِشارا ڏيڻ کانپوءِ بہ اگر اسان سچ کي نہ سُڃاتو، سچ ۾ نہ ٽڪياسين تہ پوءِ اُھا سزا بہ ڏيندي آھي. اھڙي طرح سچ کي سڃاڻي گيان يوگہ سڌ ٿيندو آھي.
جنھن جو جنم الوڪڪ ڪرم بہ الوڪڪ، اھڙي ستگروءَ کان نشچو ٿيڻ کان پؤءِ، جگياسو، اندر ٻاھر خالي ٿي ويندو آھي. اُن اِسٿتيءَ ۾، ڪرم ڪندا نہ آھيون پر پرڪرتيءَ جي سڀاءَ جي انوسار سرير ورتن ۾ رھندو آھي. جگياسوءَ جي لإءِ نشڪام ڪرم، ستگرو جي مُک مان نڪتل ڌارائون آھن ۽ اُهو ڪرم، پراڻن جو پرساد آھي جنھن سان سڀ اِنڌريون ترپت رھنديون آھن پراٹن جي پونجي وڌنڌي ويندي آهي.
ڀاونائن سان گيان يوگہ، ۽ پراٹن سان ڪرم يوگ، ٻئي ھڪ ٻي سان ڳنڍيل آھن. اھو ئي آھي جيڪو ڀڳوان شري ڪرشن ڀڳوان گُٹ ۽ ڪرم جي وڀاڳ جو سچو تتو ڄاڻڻ لأءِ چيو آھي تہ گُٹن جو اِھو کيل پاٹ ۾ ھلي رھيو آھي .
شري شاردا شرنم ستسنگ اسان کي نھڪرمي، پاڻ کي خالي رھٹ جي راھہ ڏيکاري ٿو، اسان جي ڪرم ڪرڻ جي شڪتي ڏاڍي وڌي ويندي آھي.
برهم گيان آڌ کان آھي ۽ رھندو، نہ تَہ سرشٽي ڪيئن ھلي؟ اھا ڳالھہ ٻي آھي تہ گيان جڏھن ستگروءَ جي پوتر مُک مان تيز ڌارا بڻجي وھي تہ سرشٽيءَ جي رونڪ وڌي ويندي آھي، سرشٽي سندر ٿي ويندي آھي. گيان تہ آھي پر اُمنگ ۽ اُتساهہ جي جهولي ۾ پلجي تہ مجبوت رھي. اُن وقت جي ستگروءَ کان، نشچيہ، سچ ۽ سرلتا جي چُنڙي پائي تہ گھم ٿيڻ کان بچي وڃي. ستگروءَ جي سچائي، ” شري شاردا دادي ڀڳوان“جھڙي ھجي تہ گيان جي عمر ۾ ڪمي نہ رهندي، اُنھن جي ڀڳتن جي ڀڳتيءَ جو پڪو رنگ سڄي سرشٽيءَ ۾ ڦھلجندو. ڪڏھن نہ ختم ٿيندي سچ جي ڪٿا، تہ تون آنند سوروپ آهين، تون بِرهم سوروپ آهين. اوناشي، نروڪاري، اجر، امر آهين، تنھنجو ڪڏھن ناس نہ ٿيندو، تون سداسد جاڳرت آهين، پر تون سرير نہ آهين.
شاسترن جي حساب سان سواس کڻي کڻي ڪري، روزمرھہ جي ڪرمن ڪرڻ کي ڪرم چئبو آهي.
غلطيءَ سانجيِ پاپ ڪرم ٿين ٿا اُنهن کي وڪرم چئبو آھي.
سستي يا اگيان سان، شاسترن جي مطابق ڪرمن جي تياڳڻ کي اڪرم چئبو آھي .
نيم ٽيم سان جيڪي ڪرم سنان وغيرھہ سڀ ڪريائون آھن، جيڪي ٿي وينديون آھن. مان ڪندو آھيان، مڃو، تہ ننڍي ۾ ننڍي ڪريا بہ ڪرم ٺھي ويندي آھي. ٿي رهيا آھن، قدرت ھلي رھي آھي، انڌريون بہ قدرت جو ئي حصو آھن، سڀ ھلي رھيو آھي، مان نہ ٿو ڪريان، تہ ڪرم بہ ڪريائون بڻجي وينديون آھن.
ڪرم، وڪرم، اڪرم سڀ سوچيندا رھو، ڳڻيندا رھو، ڪندا رھو، وري ڇڏيندا رھو، وري ڪرڻ تي مجبور ٿيندا رھو. صحي تہ اھو آھي، جتي آهيو، جيئن آهيو، ساڪشي ڀاو ۾ اچي وڃو.
”گيان بئيا تو ڪرم ناش!“
پرماتما جي مھِما سڃاتي، پاڻ کي سڃاتو، اھو ئي سڀني کان اُتم يگيہ آھي. شري شاردا شرنم ستسنگ توهان کي اھو ئي سريشٽ يگيہ سؤلائيءَ سان پورو ڪرائيندا آھن.
ڪرمن جو تياڳ ٿي نٿو سگهي، پر ڪرمن جي ڪرتاپڻي جو تياڳ ٿي ويندو آهي. جڏهن اِهو راز سمجھي ويندا آھيون تہ سڀ ڪڇ ڀڳوان جي هستي شڪتيءَ سان ٿي رهيو آهي تہ اهوئي سچو سنياس آهي.
سنياس آهي، سڀني ڀرمَنَ جو ناس، تہ مان سرير نہ آهيان، آھي ھي ڀڳوان، ٻيو آھي ئي نہ، الڳ پڻي جو ڀاوَ مٽجي وڃڻ سان سڀ ڪرم ناس ٿيندا آهن.
انڪري، ”پايا ڪھي سو مسڪرا، کويا ڪھي سُو ڪوڙ“ پر گياني جئيون ڪا تئيون ڀرپور.
"نا ڪڇ پايا نا ڪُڇ کويا، سنشيہ مول چڪايا".
اهو سمجھي وياسين تہ ڪرڻ ڪرائڻ وارو پرڀو ئي آهي. اُن جي ئي هستي شڪتي سڌ ڪيو. موڪش جو مطلب آهي "ڇُٽڪارو". جيستائين تون ڪڇ بہ ڪندين تہ موڪش ڪٿان ٿيندو؟ سنياس بہ وٺو ٿا، اگر ڪرم ڪيون ٿا تہ ڪرم جو ٻنڌنَ، پوءِ موڪش ڪٿان اچي؟ نہ تياڳ، نہ گرهڻ، ٻنهي کي پنهنجي منَ کان الڳ ڪيو، پرڪرتي ماتا جي پنجن تتونِ ۽ ٽن گُڻن سان ٺھڪي وڃو، ساڪشي ڀاوَ ۾ اچي وڃو. پنهنجي اڇا کي اڄ جي ستگروءَ جي وچنن سان سمجهو ۽ اُن جي پريم روڳ سان سنياس ۽ ڪرم جي ٻنڌنن کان ڇٽي ڪري جيئري موڪش کي پراپت ڪيو. اڄ جي آنند ۾ رهڻ سکو. جيڪو سُک اچي وري نہ وِڃي، انجي کوج ڪيو. انڌرين کان پري، انڌرين کانسواءِ جو سُک آهي اهوئي سچو سُک آهي. جيڪو توهان کي پنهنجي اندر مان ئي ملندو آھي. اهڙو سُک پائي توهان ڀرمنَ کان پري ٿي ويندا آھيو.
شري شاردا شرنـم ستسنگ ۾ اِهائي سکيا ڏيندا آھن.
سچو، سرل، ستگرو زندگيءَ ۾ اچي وِڃِي تہ يوگ، سنياس، ساڌنا، پنهنجي آتما جو اُڌار، پنهنجي آتما سان دوستي، انڌرين کي وس ۾ ڪرڻ، سمان درشٽي، ڌيرج، موڪش پَد سڀ ستگرو جي مهر سان سولو ٿي ويندو آهي. سچي وئراڳ جو مطلب ۽ اھميت سمجھہ ۾ اچي ويندي آهي.
"شري شاردا دادي ڀڳوان"، جي مطابق اسانکي پهرين منزل ملي ويندي آهي، پوءِ رستا تئہ ٿيندا آهن تہ ڊپُ نہ رھندو آھي تہ يوگ ۾ سڦلتا نہ ملي تہ؟ منَ مان ڊپ نڪري ويندو آهي. "اسانکي رستن جي ضرورت نہ آهي، اسانکي پنهنجي ستگُروءَ جي چرنن جا نشان ملي ويا آهن."
ستگُروءَ جي هستي، شڪتي، ممتا ۾ گھم ٿيندا وڃو، ٻي جنم جي لاءِ ڪوئي ڪم باقي نہ بچندو.
شري شاردا شرنم ستسنگ توھانکي اڄ کان اڄ جي پرشارٿ جي طرف وڌائيندو آھي. پرشارٿ تُنهنجو سڀ کان وڏو ديوتا آهي. سَڀ کان سندر پرشارٿ ھڪدم ٿر ٿي رهڻو آهي. اهڙي پرشارٿ سان "مان سرير نہ آهيان مان برهم سوروپ آهيان" توهان موڪش پد کي ۽ صبر کي پائي وٺندا آھيو، توھانجي ٻڌي ٿر ٿي ويندي آهي. توهان جي درشٽي سمان ٿي ويندي آهي. هن اوسٿا کي پائي توھانجو منَ ڪٿي اشانت نہ ٿو ٿي. اهوئي يوگہ آهي، پرماتما سان ملي هڪ ٿي وڃڻو آهي. منَ، يوگہ ۾ رڪاوٽ وجهندو آهي؟ پر شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ منَ گھم ٿي ويندو آهي. ستگرو منَ جي چوري ڪري ڇڏيندا آهن، تہ يوگہ سؤلو ٿي ويندو آهي ۽ ڀڳوان ۾ منَ لڳندو آهي ۽ ڀڳوان جا پيارا بڻجي ويندا آهيون.
شري شاردا شرنم ستسنگ جي اِهائي آسيس ھوندي آھي.
چئن قسمن جا ڀڳَتِ ڀڳوان کي پُوڄيندا آھن.
۱. سنسارڪ پدارٿنِ جي لاءِ ڀڳوان کي پُوڄڻ وارا جنھن کي ارٿارٿي چئبو آهي.
٢ .مسيبتن کي دور ڪرڻ جي لاءِ پُوڄڻ واري کي آرٿي چئبو آهي.
۳. ڀڳوان جي رُوپ کي جيئن جو تيئن ڄاڻڻ جي اِڇا سان پُوڄڻ واري کي جگياسو چئبو آهي.
۴.ھميشھہ ڀڳوان ۾ هِڪَ ئي ڀاوَ سان اسٿت، سڀني کي پريم ڪرڻ واري ڀڳَت کي گياني چيو ويو آهي. گياني ڀڳَتِ اتي اُتم آهي. ساڪشات ڀڳوان جو سوَرُوپَ ئي آهي.
انسان چاهي ڪهڙي بہ قسِمَ جو هُجي پر سَچو، مِٺو ستگُرُو، جگياسو ٺاھي ئي ڇڏيندو آهي. اِھا اُنھن جِي "پِريت جي رِيت آهي“، اُنھن جو سُندڙ درشن پائي ڪري اسانجي ٻُڌي نرمل نشچَلَ ٿِي ويندي آهي. قُدرت جڙ آهي يا چيتن آهي، توھان مان ئي اُتپن آهي. هر شيءِ پرماتما آهي. هر گٽ ۾ پرڀُو جو آواز آهي. آپَ اڪيلا سَڀِ ڪري گٽ گٽ ۾ لهر اُٺائي. سو پرڀُو دُور نهي، سو پرڀُو تون ئي هئہ. اِھڙي طرح دنيا جي اُتپتي ۽ پرليہ جو ڪارڻ ڀڳوان ئي آهي. شري شاردا شرنم ستسنگ سان جڙي ڪري هر پريمي پاڻ کي ورلو مڃيندو آهي. پنهنجي اندر ستگرُوءَ جي پيارَ سان دويہ شڪتي کي محسوس ڪندو آهي ۽ پوءِ اهو گيان اُنَ کي سرل ۽ سَهَجَتا سان ملي ويندو آهي، ۽ اُن سچ کي ڄاڻيندو آهي تہ جنهن کي مان ڳولهي رهيو آهيان ڀڳوان شري ڪرشن جي ”مان ئي تہ آهيان“ سمجھہ ۾ اچي ويندو آھي
شري شاردا دادي ڀڳوان توھان کي پڪ ڪرائيندا آهن ۽ سڀني سُکن جي کاڻ ڏيندا آھن.
ستگروءَ کان جڏهن آڌياتمڪَ رستن جي ڄاڻ ملندي آهي، تہ جڙ چيتن، برهم سورُوپ محسوس ڪندا آهيون، جڙ چيتن سان بہ پيارَ ٿِي ويندو آهي. اهڙو اڌياتم "مان“ ئي آهيان. جيڪو مان آهيان، اُهو اندر ٻاهر هِڪ آهيان، هِڪ رس آهيان، پنهنجي ايڪانت ۾ آهيان، پنهنجي آڌي انت کي ڄاڻيندو آهيان، مان ھميشھہ ساڪشي ڀاوَ ۾ آهيان. ”مان“ ئي برهم سورُوپ آهيان. مون-مان پئدا ٿيو سنسار. پنجن تتون سان ٺھيل سرير روپي پڃري کي ڪرم پراڻِي مڃيندو آھيان، مان انکان نيارو آهيان. ستگروءَ جي آدرشن سان جيڪا پريڻا ملندي آهي، مان ئي اُھو ڪرم آهيان. پنج تتو، ٽي گُڻ مون-مان ئي پئدا ٿِيا، مُنهنجو ئي کيل، کيڏڻ وارو بہ مان آهيان. سڄي سرشٽيءَ جو کيل مونسان ئي آهي. هِڪَ رس رهڻ وارو مان ئي آڌيڀُوت آهيان.
”ھوني تو ھوڪي رھيگي، انھوني نہ ھو.“ سڀ پنهنجي پنهنجي ڪرم سان آھن، سڄي قُدرت انصاف جو مندر آهي، اهڙو ادويت مان ئي آهيان.
ستگروءَ جي وچنن سان پنھنجي مٺي مورت سان جڏهن ٿوري لگن لڳي ويندي آهي تہ شرڌا جي ڪٓميٍ نہ رھندي. انڌ شرڌا ٿي ويندي آهي. اُنئي شرڌا سان اسان ڀڳوان جو وراٽ سوروپ ڏسندا آھيون، اھڙو وراٽ سوروپ، جو، پنھنجا-پرايا، چور-چنڊال، پيار يا نفرت ڪرڻ وارا، ساراھہ-نِنِڌا، غريبي-شاھوڪاري، گرو ۽ ششيہ جو ڀيد، ڀڳت ۽ ڀڳوان جو، ملڻ ۽ جدائيء جو، گياني ۽ اگياني جا سڀ ڀيد مٽجي ويندا آهن. ھڪ ئي برھم جو واس آھي، سڀ ۾ مان ئي آھيان، سڄي سرشٽي منهنجو ئي مھا-انگہ آھي، برھمڻ ھجي يا کتري، ديوتا ھجي يا اسُر، گُڻ ھجي يا اوگُڻ، پرم پوجيہ ستگرو دادي ڀگوان جي ھڪ ئي للڪار آهي، ”آھي ھي ڀڳوان“ ”آھي ھي ڀڳوان“
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ سڀ ڀيد مٽائي اسان کي ڀڳوان ۾ ٽٍڪائيندا آھن. رنگ لائيگي ڀڳتي ڀيد مِٽ جاني ڪيِ باد، ھر خوشي مِل جائيگي قدمو ۾ جُڪ جاني ڪيِ باد، سمان درشٽي ھوگي ستسنگہ ۾ آني ڪيِ باد.
جنمن جنمن کان ديھہ اڌياس جي مٽي من تي هئي. سڀني چيو تہ من روپي آئيني تي جيڪا مٽي چڙھيل آهي اُنکي صاف ڪيو پر اِهو ڪم ڪير ڪري؟
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ پرم پوجيہ ستگرو شري شاردا دادي ڀڳوان "ڪيو"، نہ چيائون، پر ڪري ئي ڇڏيائون. ڪڏهن ڪيائون، ڪيئن ڪيائون ڪڇ خبر نہ پئي. چُپچاپ ۾ چنچل من کي موڙي ڇڏيائون ءِ اسانکي خبر بہ نہ پوڻ ڏني. پنهنجي تپسيا جي هڪ بوند گهوٽي ڪري وجھي ڇڏيائون ءِ جيِو کي برهم ٺاهي ڇڏيائون، نہ تہ اڄ جي ھن يُگہ ۾ اسانکي کي ڪھڙي خبر تہ تپسيا ڇا ٿيندي آهي؟ ڪيئن ٿيندي آهي؟
ستگروءَ مون ۾ ئي منهنجو پيارو رام ڏيکاريو، گڏ-گڏ اھوئي پڪو ڪرايائون تہ تون اُھو نہ آهين جيڪو تون اڄ تائين مڃي ويٺو آهين. هاڻي شڌ اهنڪار، ”مان ئي تہ آهيان“ ملي ئي ويو. جڙ چيتن ۾ گروءَ ئي شڪتين جو احساس ڪرايو، ”مان ئي تہ آهيان“ جو راز سمجهايو، دل جو آئينو صاف ڪريائون تہ ھر ھند پنهنجو پاڻ ئي ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو ۽ پنهنجي جيون جي رٿ تي پنهنجي ڀڳوان، ”شري شاردا دادي ڀڳوان“ کي پاتو ۽ هر موڙتي هر-يڌ، ڌرم-يڌ پريم-يڌ ٿي ويو. اهڙو آهي منهنجو شري شاردا شرنم ستسنگ، دِويہ ۽ الؤڪِڪ پيار سيکارڻ وارو، نشڪام پيار ۾ رنگي ڇڏڻ وارو، ”منهنجي سندر ستگروءَ جي سندر درٻار“.
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ ستگروءَ جي پريم سان ڀريل وچنن سان، اسانجي دوِيہ شڪتي جاڳندي آهي ۽ اهڙي دويہ درشٽي پراپت ٿيندي آهي، جو پرماتما جو وراٽ سوروپ ڏسڻ ايندو آهي. پرڪرتِي جي هر تتو، جڙ، چيتن، ڪڻ ڪڻ ۾ پرماتما جي ليلا محسوس ٿيندي آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي تہ گهڙي اِڪ وسرون رام ڪو تو برهم هتيا مُوھي ھوئي.
ستگروءَ جي پريت سان اهو احساس ٿيڻ لڳندو آهي تہ ڪڻ ڪڻ ۾ "مان ئي تہ آهيان". سڄي سرشٽي، جڙ چيتن مُنهنجو ئي روپ آهي آڌي-انت ۾ مان ئي تہ آهيان، مُونکان سواءِ ڪڇ بڻيو ئي نہ آهي. ستگروءَ جو آواز سڄي سرشٽيءَ ۾ گُنج-جندو آهي.
"آهي هي ڀڳوان"، "آهي هي ڀڳوان". "چل ڪبيرا وھان، جھان اوم بي ٿڪ جائي، اوم اوم ڪھت، اوم ئي رهہ جائي."
ڀڳوان جي پراپتيءَ لاءِ گيان، ڌيان ۽ شرڌا کي اهميت ڏني وَئي آهي. پر گيان، ڌيان ۽ شرڌا بہ ستگروءَ کان پراپت ٿيندي آهي.
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ پرم پوجيہ ستگرو شري شاردا دادي ڀڳوان ڪوئي يتن نَہ ڪرايو پر ايئن من ۾ سمائجي وَيا جو من ٻُڌي رهيو ئي نَہ، انڌريون ڀاري ٿي ویون ۽ ستگروءَ جي پيار ۾ نيارا ۽ پيارا ٿي وَيا.
ستگروءَ جي نظر سان اهڙو نور پاتو تہ اڀياس ڪرڻو نہ پيو پر ٿي وَيو "مان ديهه نہ آهيان، مان برهم سوروپ آهيان". ٿورو سو اهو اڀياس، جڏھن ستگروءَ جي پيار سان ٿيندو آهي تہ ڌيان بہ لڳائڻو نٿو پوي، پر پنهنجو پاڻ ڌيان اندر اچي ويندو آهي وشواس بڻجي تہ ايشور سدا مونسان گڏ آهي، جيڪو انگ سنگ آهي تہ مان ڌيان ڪهڙو ڪريان؟ ڪنهنجو ڪريان؟ اهڙي ستگروءَ سٶلي ۽ مٺي تپسيا ڪرائي جو اسان پرماتما جا پيارا ڀڳت ٿي وياسين. من جي آسڪتيءَ کان ڇٽي ویاسين. مان-اپمان، دوست-دشمن، سردي-گرمي، هر ڌونڌ کان شري شاردا شرنم ستسنگ ڇڏايو. ٻُُڌِي ٿِر ٿي ويندي آهي ۽ انَنيہ ڀڪتي ٿي ويندي آهي. پِرِيہ ستگروءَ جو، پرماتما جو، هر روپ پِرِيہ آهي پر انجو ساڪار سورُوپُ، روحاني رستو پارِ ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهاز آهي. "ستگرو نام جهاز هئہ، جو چڙھي سو اُتري پارِ ."
قدرت جي رچنا پنجن تتون سان آهي، پرٿوي، آڪاش، جل، وايو، اگني. ستسنگ ۾ اچي ڪري خبر پوندي آهي تہ پرڪرتي پنهنجو پاڻ هلندي آهي ۽ بدلجندر آهي، پر مان پرڪرتيءَ کي ڄاڻڻ وارو، مان نہ بدلجڻ وارو پرش پرماتما آهيان. حالتون، وشيہ، انسان سڀ بدلجندا رهندا آهن پر اسانکي پنهنجو من ٿِر ڪرڻو آهي. گُروءَ جي مُک مان نڪتل وچن ”سدا نہ سنگ سهيليئان، سدا نہ ڪالا ڪيش، سدا نہ اِس جڳ جيوڻا، سدا نہ راجا ديش.“ من کي ڀٽڪڻ نہ ڏيندا آهن. من سهج ئي ٿِرِ ٿي ويندو آهي. شاسترن جي انوسار انسان کي کيتر چوندا آهن ۽ ديهہ کي ڄاڻڻ واري پرش کي کيتر گيہ چوندا آھن.
* پنج ڪرم انڌريون، هٿ، پير، مُک، گدا ۽ مول ڌارا
* پنج گيان انڌريون، اکيون، ڪن، نڪ، ڄڀ ۽ چمڙي
* انڌرين جا وشيہ-روپ، آواز، گنڌ، رس، سپرش ۽ من، ٻُڌي، چت، اهنڪار ديهہ سان جُڙيل آهن.
ديهہ ۾ آهيون تہ وڪار پئدا ٿيندا رهندا آهن. شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ ستگروءَ جو پهريون سبق ”مان ديهہ نہ مان آتما آهيان“, انسان کي سڀني وڪارن کان مڪت ڪندو آهي. هتي هر وڪار سينگار بڻجي ويندو آهي.
پرڪرتي ٽن گڻن ۾ هلندي رهندي آهي، ستو-گڻ، رجو-گڻ ۽ تمو-گڻ.
* ستو-گڻ :- سرل، شيتل، ڌيرج، گنڀير.
* رجو-گڻ :- جوش، ترشنا، آسَڪتي، ڪرمن ۾ تمام گھڻو شونق.
* تمو-گڻ :- ننڊ، آلَس، نہ ڪرم ۾ شونق، نہ گيان ۾ شونق.
هرهڪ منشيہ ۾ ٽي گڻ هوندا آهن پر گڻن جو اثر بدلجندو رهندو آهي.
* جڏھن منشيہ ۾ ستو-گڻ جو اثر وڌيڪ هوندو آهي تہ هو ڌيرج ۽ گنڀيرتا ۾ رهندو آهي.
* جڏھن منشيہ ۾ رجو-گڻ جو اثر وڌيڪ هوندو آهي تہ اُهو آسڪتي ۽ جوش ۾ رهندو آهي.
* جڏھن منشيہ ۾ تمو-گڻ جو اثر وڌيڪ هوندو آهي تہ هو سستيءَ ۾ رهندو آهي. اهڙيءَ طرح جيو گڻن سان ٻڌل ھوندو آهي. ”سڀ گڻ ديهہ سان لاڳُو آهن“.
شري شاردا شرنم ستسنگ سان جڙي ڪري ساڪشي ڀاو، آتم ڀاو ۾ اچي ڪري گڻن کان مٿي ٿي ويندا آھيون، ٽنهي گڻن کان پري جڏھن پنهنجي آتما ۾ من رکنداسين تہ سڀ اوتار، پير پئگمبر کي بہ برهم سوروپ ڪري مڃينداسين، نام روپ ۾ نہ اٽڪنداسين ۽ نشچيہ ٿيندو تہ مون آتما ۾ ڪوئي گڻ بڻيو ئي ناهي. اندر جي شانتي پراپت ڪنداسين تہ سڀ گڻ بہ شانت ٿي ويندا.
ھن سنسار جو آڌي ۽ انت نٿو پائي سگھجي. ھن جي پرمپرا ڪڏھن کان ھلي رھي آھي ان جي بہ ڪا خبر نہ آھي، ڪڏھن تائين ھلندي رھندي، ان جي بہ ڪا خبر نہ آھي.
شاسترن ۾ سنسار جي روپ جي ڀيٽ پپل جي وڻ سان ڪئي وئي آهي. ان جو بيان شري شاردا دادي ڀڳوان تمام سھج ۽ سؤلي ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي، تہ انسان جي ھر وڪار جي جڙ پنهنجو ئي اھنڪار آھي ۽ اھنڪار سان ئي ڪرتاپڻو، موھہ، ترشنا وغيرھہ وڪارن جون ڇاخائون نڪرنديون آھن. گُروءَ جي پيار ۾ ھر وڪار ڇٽي ويندو آهي ۽ سڀ ڀرم ختم ٿي ويندا آهن. ستگروءَ کان الوڪڪ گيان پراپت ٿيندو آهي ۽ انسان، تتو کي ڄاڻي وٺندو آهي تہ جل، پرٿوي، آڪاش ۾ ڀڳوان ئي سمايل آھي. سج، چنڊ، اگنيء ۾ تيز ڀڳوان جو ئي آھي. اھو ئي سنسار جو وستار ڪرڻ وارو آهي. سڄي مايا جو اهُو ئي مايا پتي آھي. اھو ئي ھر پل اسانجي سنڀال ڪندو آهي، اسان جيڪو کاڌو کائيندا آھيون اھو ئي ھضم ڪري اسان جي سرير ۾ خون ٺاھيندو آھي. آڌي پرش، نارائڻ پرماتما ئي، ھميشھہ، سچ، اننت ۽ سڀني جو آڌار ھئڻ جي ڪارڻ سڀني کان مٿي آهي. ڀڳوان جي يوگ مايا سان اُتپن ٿيل سنسار، ڇڻڀنگُر، ناس ٿيڻ وارو، دُک روپ، بدلجندر آھي. گُروءَ سان جڙي ڪري اسان سچائي ڄاڻي وٺندا آھيون تہ ھن بدلجندر دنيا ۾ اسان کي ٿر رھڻو آھي، ان ڪري سنسار جي چنتن کي تياڳي ڪري، پرماتما جو چنتن ڪرڻ گھرجي، پوءِ سڀني سان پيار ٿي ويندو آهي. انسان پنھنجي اھمتا، ممتا، ڪرتا سان ئي ڪرم ڪٽيندو آهي ۽ ڪرم ٺاھيندو آھي، پر گروءَ سان ملي ڪري سڀ ڀرم مٽجي ويندا آهن ۽ ستگرُو اھمتا، ممتا، ڪرتا کي ڪٽي ڪري سمتاڀاو جاڳائيندو آھي. اسان جي درشٽي بدلجي ويندي آھي ۽ سڄي سرشٽي برهم سوروپ ڏسڻ ايندي آھي. انسان ڪرمن کان ڇُٽي ڪري ڪرماتيت ٿي ويندو آھي، گروءَ جي مک مان نئو جنم وٺندو آھي.
سنسار جو تياڳ ٿي نٿو سگھي پر گروءَ جي پيار ۾ پنھنجي اھنڪار جو تياڳ ٿي ويندو آھي.
انسانن ۾ ٻن نمونن جو سڀاءُ ٿيندو آھي، ديوي سمپدا ۽ آسوري سمپدا.
ديوي سمپدا وارا مڪتيءَ جا اڌيڪاري مڃيا ويا آھن. معافي، ڌيرج، ڪروڻا، مڌتا، ميتري، نمرتا، مان، اڀيمان کان پري ديوي سمپدا جا گُڻ چيا ويا آھن. اھڙي سڀاءُ وارا انسان ستيہ ڀاشڻ کي اپنائيندا آھن. انتھہ ڪرڻ ۽ انڌرين ڌواران جنھن نشچيہ ڪيو آهي، اھو ئي انڀو، سٺن لفظن ۾ سڀني کي ٻڌائڻ، ستيہ ڀاشڻ ھوندو آھي.
آسوري سمپدا وارا ڪرمن جي ٻنڌنن ۾ ٻڌجي ويندا آهن. دمب، گھمنڊ، اڀمان، غصو، ڪٺورتا، آسوري سمپدا جا گڻ مڃيا ويا آھن. اھڙي سڀاءُ وارا ماڻھو نہ پاڻ سکي هوندا آھن، نہ ٻئي کي سکي ڪري سگھندا آهن، اُھي ھميشھہ سُک ٻڌي ۾ رھندا آھن. اھي سمجھندا آھن سڀ انھن کي تڪليفون ڏئي رَهيا آهن پر حقيقت ۾ ھو ٻين کي تڪليفون ڏيندا آهن. ”جيئو اور جيني دو“ ھنن جي سڀاءُ ۾ ئي نہ آهي. شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ ستگروءَ جي تپسيا، نسوارٿ پيار ۽ وشواس، ڪروڻا ڀري نظر ۽ ھرھڪ ڀڳت سان اٿڪ محنت سان آسوري سڀاءُ وارا انسان بہ ديوي سمپدا وارا ٿي ويندا آهن. ستسنگ سان جڙي ڪري، ھر پريمي ترپت ٿي ويندو آهي.
ترپتي ئي سچي مڪتي آھي.
پرڪرتي ٽن گڻن ۾ هلندي آهي، ستو، رجو، تمو. انسان بہ پرڪرتيءَ جو ئي تتو آهي ءِ انسان جو سڀاءُ بہ اِنهن ٽنهي گڻن سان پرڀاوت ٿيندو آھي، ڪرم، شرڌا، تپسيا، ڀوڄن ءِ دان وغيرھہ ٽن قسمن جا ٿيندا آھن.
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ چوندا آھن تہ ستسنگ جو نيم-ٽيم، ڀڳوان جي رضا تي راضي رهڻ، ستگرو جي وچننَ جي آگيا چڪر ۾ هلڻ، جڙ چيتن ۾ ڀڳوان جي شرڌا رکڻ، اِن کي ساتوِڪ شرڌا چوندا آهن. ستسنگ سان ڀئيمکہ، ڀڳوان جي رضا ۾ شڪايت ڪرڻ، ستگرو جي وچنن جي آگيا چڪر ۾ نہ هلي پنهنجي ٻُڌي هلائڻ، جڙ چيتن سان بہ وکيپ ڪرڻ، هر وقت پاڻ کي پريشان ڪرڻ ءِ اڌيرج ٿيڻ، اِن کي راجسي شرڌا چوندا آھن. جنهن کي گُروءَ ءِ ستسنگ ۾ شرڌا ءِ وشواس ڪونهي، پاڻ کي ڀڳوان سمجهڻ ان کي تامسي شرڌا چوندا آهن.
جيڪو سرير جي پرڪرتيءَ سان فٽ ٿي اُن کي ساتويڪ ڀوڄن چوندا آهن. جيڪو سرير جي پرڪرتيءَ سان فٽ نہ ٿئي، پر سواد جي وس ۾ ٿيڪري کائي ڇڏيون اُن کي راجسي ڀوڄن چوندا آهن. جيڪو آلسيہ وس بکي پيٽ رهندو آهي، يا تہ سواد وس وڌيڪَ کائي ڇڏيندو آهي اُن کي تامسي ڀوڄن چَوندا آھن.
شري شاردا شرنم ستسنگ ۾ ٻڌايو آھي تہ گُروءَ جي وچنن ۾ شرڌا رکڻ، ڦل جي اِڇا کي تياڳ ڪرڻ، گهٽ اکرن ۾ ڳالهائڻ، تکا اکر نہ ڳالهائڻ، سُر کي سنڀالڻ، ساتوڪ ڀوڄن کائڻ، اَکِينِ سان ڪنهن درشيہ ۾ نہ اٽڪڻ، سَڀ درشيَن ۾ ڀڳوان کي محسوس ڪرڻ، ڪنَن سان گلا ءِ پرائي پچار ٻُڌڻ جي رسن کان پري، سواسن ۾ بہ اوم جي ڌُني هُئڻ، من جو مؤت، سنڪلپ وڪلَپَ کان پري ءِ خاليپڻي جو احساس ٿيڻ کي ساتوِڪ تپسيا چوندا آھن. راجسي ءِ تامسي انسان تپسيا جا حقدار نہ آهن، اهڙي سُڀاءُ واري انسان کي تپسيا ۾ اچڻ لاءِ ساتوِڪ گُڻنِ کي اپنائڻو پوندو.
ستسنگ مان اِها سِکيا ملندي آهي، تہ سڀني کان اتم دان آهي گيان دان. ستگرو جي گيان دان سان سَڀنِي جو جيون مھڪي ويندو آهي ءِ هر حالت ۾ سنتوش ۾ ترپَت رهندو آهي ءِ پوءِ جگياسو بہ پنهنجي ستگروءَ وانگر گيان ورھائڻ لڳندو آهي
وٺندو بہ گيان ”پريم“ دان آهي، ڏيندو بہ گيان ”پريم“ دان آهي.
پريم خزانا جو بي لُٽائي جڳہ اُس ڪا ديوانا.
شاسترن جي انوسار ڪرمن جي تياڳہ ڪرڻ کي سنياس مڃيو ويو آهي. پر ڪرمن کي نہ ڪرمن جي ڦل جي تياڳڻ کي تياڳہ چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ ڪرمن جو تياڳہ ٿي نٿو سگهي.
شاسترن ۾ ساتوِڪَ، راجسي ءِ تامسي اُنهن ٽنھي پرڪارن جو تياڳہ، ڪرم، ٻُڌي، ڌارڻ شڪتي، گيان، سُک وغيرھہ ٻڌايا ويا آهن. ڀڳوان کي پائڻ جي لاءِ پرورتي مارگ ءِ نرورتي مارگ جو ورنن ڪيو ويو آهي.
جڏهن ستگرو اسانجي زندگيءَ ۾ ايندا آھن ڀڳوان پائڻ جي لاءِ سؤلو رستو ٻُڌائيندا آھن.
ڪرم:- ساتوِڪ، راجسي ءِ تامسي قسمن جا ڪرم سمجهائڻ جي بدلي سؤلي ڀاشا ۾ ستگرو اسانکي سمجهائن ٿا، تہ ڪرم ڪندي، اهنڪار رهت، اِڇا رهت، دویش رهت ٿي وڃو ءِ هر ڪرم ۾ ڀڳوان جو احساس ڪرائن ٿا. ڪهڙو بہ پنٿ، مت متانتر، يگيہ، هوم هَوَنُ وغيرهہ ۾ هڪ ئي نراڪار جي شڪتي آهي. انسان پنهنجي منزل کي پراپت ڪندو آھي ءِ اُن آتمڪ آنند جي پراپتي ٿيندي آهي جيڪا حقيقت ۾ اسانجي منزل آهي. مُڪتي جي لاءِ اسانکي موت جو انتظار نہ ڪرڻو پَوندو آھي، پر جيئري ئي مُڪت ٿي ويندا آھيون.
"گُروءَ کان ترپتي پائي مُڪت ئي آهيون، گيان اگني ڪرم دگ دگا“
سُک:- ساتوِڪ، راجسي، تامسي سُک مڃيا ويا آھن پر ستگرو پنهنجي پيار ءِ وچنن سان سچا سُک ڏئي ڇڏيندا آهن ءِ اسانجو جيون پوءِ سُکن کي ڳولهڻ لاءِ ڊُڪندو نہ آھي. اسانکي اِها حقيقت خبر پَئجي ويندي آھي تہ "مان ئي سُک سوروپ آهيان" ستگروءَ جي واڻي اسان کي ٻُڌائيندي آھي تہ سنسار ۾ اڍائي سُک ٿيندا آھن، ھڪ تندرستي، ٻيو ننڊ، ۽ باقي اڌ سک ۾ سنسار جا سڀ سک ساڌن اچي ويندا آھن. اسان اگيان مان جاڳي اُٿندا آھيون ءِ گُروءَ وٽان مليل سنتوش ۾ سُکي ٿي ويندا آهيون.
ٻُڌي:- گهڻن ئي نمونن جي وچلت ٻُڌي گروءَ جي پيار ۾ ٿر ٿي ويندي آھي ءِ سچائي جي خبر پوندي آھي تہ،"ڪرن ڪراون آپي آپ منشيہ ڪي ڪڇ ناهي هاٿ".
مڃيو ويو آھي تہ ٻُڌي ھوا کان بہ وڌيڪ تيز هلندي آهي. اهڙي تيز هلندر ٻُڌي گُروءَ جي وچنن سان شانت ءِ ٿر ٿي ويندي آھي.
"نہ تياڳ نہ گرھڻ، پايا ڪھي سو مسخرا، کويا ڪھي سو ڪُڙ، گياني جئيون ڪا تئيون ڀرپُور.“
ترز : جِلِ مِلِ ستارن جو آنگن هوندو.
دادي منهنجا ڀڳون منهنجي، درشٽي تون بڻائيجئي،
ديهہ مان اُٿاري مونکي، برهم ۾ ٽڪائيجئي،
ديما منهنجا ڀڳون منهنجي، درشٽي تون بڻائيجئي،
ديهہ مان اُٿاري مونکي، برهم ۾ ٽڪائيجئي،
هر جڳھہ توکي ڏسان مان، اهڙي جوت جڳائيجئي.
۱ ) ديهہ ۾ رهيس تہ دادي، مان تہ ٿڪجي پوندس،
ديهہ ۾ رهيس تہ، ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون،} ۲
دنيا جا آنڌي طوفان، مان نہ جيلي سگهندس،
جيو جي هن ڀاو کان مونکي، مڪتي تون ڏيارجئي،
ديهہ مان اُٿاري مونکي، برهم ۾ ٽڪائيجئي،
ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون، ٻڌو منهنجا ديما ڀڳون....
۲) ساٿ تنهنجو منھنجا دادي ، ڪڏنهن بہ نہ ڇڏيندس،
ساٿ تنهنجو دادي، ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون،} ۲
چاهي ڪيترو بہ پوي، منھنجي من کي موڙڻو،
موڙڻ جي شڪتي مونکي، دادي تون ڏيارجئي،
ديهہ مان اُٿاري مونکي، برهم ۾ ٽڪائيجئي،
ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون، ٻڌو منهنجا ديما ڀڳون......
۳) ڪيان ٿي مان واعدو دادي، تنهنجو ساٿ نڀائيندس،
ڪيان ٿي مان وادو، ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون،} ۲
توکان شڪتي وٺي مان تہ، تنهنجي شڪتي بڻجندس،
پورو ٿي ارمان اهڙو، سنڪلپ تون ڪرائيجئي،
ديهہ مان اُٿاري مونکي برهم ۾ ٽڪائيجئي،
ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون، ٻڌو منهنجا ديما ڀڳون.....
۴) آتما جو نشچيہ دادي اهڙو تون ڪرائيجئي،
آتما جو نشچيہ، ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون،} ۲
هر اِنڌريءَ تي منهنجو سئيم تون ئي ڪرائيجئي،
سورج وانگر منهنجي، من کي تون ئي چمڪائيجئي،
ديهہ مان اُٿاري مونکي برهم ۾ ٽڪائيجئي،
ٻڌو منهنجا دادي ڀڳون، ٻڌو منهنجا ديما ڀڳون،
دادي منهنجا ڀڳون منهنجي درشٽي تون بڻائيجئي.....
ترز: مئہ تو آرتي اُتارون ري سنتوشي ماتا ڪي.
مان تہ آرتي اُتاريان ري، دادي ديما ڀڳون جي،
جئہ جئہ دادي ڀڳون جئہ ديما،
۱) ڏاڍي ممتا ۽ ڏاڍو پيار، ديما جي نينَنُ ۾،
ڏاڍي ڪروڻا مايا دُلار دادي جي نينَنُ ۾،
ڇو نہ ڏسان مان بارم بار، ديما جي نينَنُ ۾،
ڏسا دادي (۲)ڀڳون جو ئي نور، ديما جي نينَنُ ۾،
ھو گيان ٻُڌان، من بدليان، پيار ڪيان ترپتي پايان جيون سواريان ري،
مان تہ آرتي اُتاريان ري...
۲) سدا ٿيندي آ جئہ جئہ ڪار شري شاردا شرنم ۾،
نت جهانجهر جي ٿي جهنڪار، شري شاردا شرنم ۾،
سدا ڀڳتن جي رهي ٿي پُڪار، شري شاردا شرنم ۾،
وردان جا(۲) ڀريل آھن ڀنڊار شري شاردا شرنم ۾،
هو گيان ٻُڌان من بدليان، پيار ڪيان، ترپتي پايان، جيون سواريان ري،
مان تہ آرتي اُتاريان ري...